ٺٽو (رپورٽر) سيڪريٽري هيومن رائيٽس سنڌ تحسين فاطمه چيو آهي ته سنڌ صوبي ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي روڪڻ ۽ متاثرن کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ ھر وقت ڪوششون جاري آهن ۽ سنڌ جو انساني حقن وارو کاتو انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو پاڻمُرادو نوٽيس وٺي عوام کي انصاف فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. مڪلي ۾ گهريلو تشدد ۽ انساني حقن جي مسئلن بابت اھم اجلاس جي صدارت ڪندي هن چيو ته انساني حقن واري کاتي جو مقصد سنڌ حڪومت پاران جوڙيل انساني حقن جي قانونن جهڙوڪ گهريلو تشدد جي روڪٿام، ٻارن جي شادي، اقليتي مسئلن، چائلڊ ليبر، ٻارن جو تحفظ ۽ ٻين بنيادي انساني حقن جي قانونن تي عمل ڪرائي عوام کي فوري انصاف فراهم ڪرڻ آھي، هن پوليس، روينيو ۽ ٻين لاڳيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته انساني حقن جي شڪايتن جو بروقت جواب ڏيڻ سان گڏو گڏ بنيادي انساني حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ماڻهن کي جلد انصاف فراهم ڪري سگهجي. جڏهن ته ان موقعي تي ڊائريڪٽر هيومن رائيٽس سنڌ آغا فخر حسين چيو ته ٺٽو ماضي ۾ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ رهيو آهي جيڪو تاريخي نقطه نظر کان به اهم آهي، اسان هتي جي سمورن بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، اسان جي ڪوشش آھي ته ٺٽي کي انساني حقن جي حوالي سان ماڊل ضلعو بڻايون. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن تعليم، صحت، پاڻي، منشيات، موسمياتي تبديلين، ٻيلن ۽ مينگروز جي ڪٽائي سميت ٻين انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي خدشن جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي حل لاءِ مختلف تجويزون پڻ پيش ڪيون، جنهن تي سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر هيومن رائيٽس سمورن مسئلن جي حل ۽ پنھنجي مڪمل سھڪار جو يقين پڻ ڏياريو. ڪيو. ان موقعي تي انچارج شڪايت سيل هيومن رائيٽس ٺٽو ۽ سجاول الطاف حسين تنيو ، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر 1 ٺٽو غلام دستگير، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر 2 ٺٽو فراز احمد عباسي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر 2 سجاول حبيب الله وڳڻ، ڊي ايس پي ٺٽو سيد افتخار شاهه، ڊي ايس پي سجاول مظفر جميل، ڊي اي او سيڪنڊري حضور بخش خاصخيلي، ڊي اي او پرائمري نور سرائي، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر خدا بخش بهراڻي کان علاوه انساني حقن جي تنظيمن ۽ اين جي اوز جي نمائندن، وڪيلن، صحافين ۽ ٻين اسٽيڪ ھولڊرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.