نواب شاهه (رپورٽر) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو آهي ته سڄي سنڌ ۾ امن امان تباهه آھي، گذريل 50 سالن کان ڌاڙيلن، دھشتگردن ۽ ڦرلٽ سبب سنڌ سڙندي رھي آھي، هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ ۾ اسٽريٽ ڪرائيم عروج تي آھي، پر پوليس رڳو مقررين ۽ بدلين ۾ پوري آهي، ھن چيو ته پوليس سنڌ جي ماڻھن کي امن مان جي نالي تي ھاف فراءِ ته ڪري ٿي پر ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هن چيو ته سنڌ جي ڌاڙيلن کي جيڪڏھن حڪمرانن ايترو طاقتور ڪيو آھي ته پوءِ جيڪا پوليس ۽ ٻين ادارن کي بجيٽ ڏني وڃي ٿي اھا ڌاڙيلن کي ڏني وڃي ته جيئن گھٽ ۾ گھٽ سنڌ جي ماڻھن کي جيئڻ ته ڏين.