شڪارپور (رپورٽ: وحيد بروھي) شيخ اياز يونيورسٽي شڪارپور ۾ پھرين ڪانووڪيشن تقريب منعقد ڪئي وئي. گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري، ھائير ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد، سنڌ ھيڪ جي چيئرمين ڊاڪٽر ايس ايم رافع، گمس ڊائريڪٽر رحيم بخش ڀٽي، وي سي شيخ اياز يونيورسٽي غلام رضا ڀٽي، رجسٽرار ثاقب وھاب مھر ۽ مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ شخصيتن شرڪت ڪئي، ڪانووڪيشن ۾176 گريجوئٽس کي ڊگريون ڏنيون ويون،گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري چيو ته شيخ اياز يونيورسٽي جي گريجوئٽس ۾ ڊگريون ورهائڻ اعزاز جي ڳالهه آھي، ڊگري حاصل ڪندڙ نوجوان پنھنجي ملڪ ۽ معاشري جي خدمت ڪن، گورنر سنڌ چيو ته پنجھتر سالن کان ملڪ جي صحيح رستي ۽ درست منزل جو تعين ڪري رھيا آھيون پر منزل اڃا به پري آھي، ڪامران ٽسوري چيو ته ملڪ ۾ بيروزگاري ۽ مھانگائي عروج تي آھي ان لاء محنت ڪيو ۽ ملڪ کي پيرن تي بيھاريو، ڊجيٽل آدمشماري بابت پڇيل سوال جو جواب ڏيندي گورنر سنڌ چيو ته ڊجيٽل آدمشماري تي خدشه آھن، شناختي ڪارڊ جو نمبر شامل نه پيو ڪيو وڃي، جنھن ڪري داخلا سمجهه کان ٻاھر آھي ۽ آدمشماري لاء ھڪ مھينو ناڪافي آھي، ھن چيو ته  شھرن ۾ امن امان خراب ھئڻ جو سبب پناھگير آھن، سنڌ جي ڪچي ۾ سيڪيورٽي فورسز جلد آپريشن  ڪنديون.