سنڌ ۾ امن امان جون بدتر حالتون

0
66
سنڌ، جتي اڌ آباديءَ کي انسان ئي نٿو سمجهيو وڃي!
تاريخي، تهذيبي ماڳن ۽ قديم آثارن ڏانهن لاپرواهيءَ وارو رويو

امن امان ھن ملڪ جو ڏھاڪن کان مسئلو رھيو آھي. دھشتگرديءَ جا واقعا ھجن، ٽارگيٽ ڪلنگ يا وري ڌاڙيلن جي دھشت، ھن ملڪ جي ماڻھن کي سُکَ جو ساھَ کڻڻ جو موقعو گھٽ ئي ميسر ٿيو آھي. بدامنيءَ جي باھ کي سنڌ ڪُجھ سوايو ئي ڀوڳيو آھي. ھر روز سنڌ ۾ اغوا، ڦرون عام بڻيل آھن. گذريل ڏينھن رپورٽ ٿيل ھڪ خبر موجب، غوثپور ويجهو انڊس هاءِ وي تان هٿياربندن پاران ڏينهن ڏٺي ٻن ڄڻن کي اغوا ڪيو ويو آھي. انڙ واهه اسٽاپ وٽ هٿياربندن اوچتو فائرنگ ڪري ڏني، شڪارپور کان ڪشمور ڏانهن ويند هڪ ٽرڪ ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي کڏ ۾ ڪري پئي، هٿياربند ٽرڪ ڊرائيور ۽ ڪلينر کي اغوا ڪري ويا. پوليس پاران واقعي بعد سبزوئي گينگ جي خلاف آپريشن شروع، پوليس ۽ هٿياربندن وچ ۾ فائرنگ، هٿياربندن پاران راڪيٽن ۽ اينٽي ايئر ڪرافٽ گنز جي استعمال سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙيل آھي.

اھا حقيقت پڌري پٽ پئي آھي تہ سنڌ جو امن داءُ تي لڳل آھي. قانون ھوندي بہ لاقانونيت بار بار نظر ايندي رھي آھي. عام ماڻھن جي جان ۽ مال جي حفاظت جو ذمو اتي جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو ھوندو آھي پر سنڌ ۾ پوليس ٿاڻن تي بہ حملا ٿيندا رھيا آھن، پوليس پڪٽون تباھ ٿينديون رھيون آھن، اھڪار شھيد ٿيندا رھيا آھن، جنھن جو سبب ڏوھارين جي سرپرستي ھجڻ آھي. ھن وقت بہ سنڌ مان ڪيترائي ماڻھو اغوا ٿيل آھن. سالن کان اھي مغوي مائٽن کان ڏُور آھن پر خبر ناھي ڇو ڌاڙيلن جون اھي ”بستيون“ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي بصارت کان پري آھن. انھن مغوين جون خبرون رپورٽ ٿينديون رھن ٿيون، نيوز اسٽوريز ھلنديون رھن ٿيون، پريس ڪلبن تي انھن جا وارث پنھنجي پيارن جي بازيابيءَ لاءِ مظاھرا بہ ڪندا رھن ٿا پر خبر ناھي ڇو قانون ۽ انصاف جي ڪَنَ تي جُونءِ بہ ڪانہ ٿي سُري.

جنھن واقعي جو ذڪر پاڻ مٿي ڪري آيا آھيون، ان واقعي ۾ ھٿياربندن وٽ اينٽي ايئر ڪرافٽ گن ۽ لانچر ھئا، جن ذريعي انھن جو پوليس سان مقابلو ٿيو. اھو سوال بہ پنھنجي جاءِ تي وزن رکي ٿو تہ ھٿياربندن وٽ اھي خطرناڪ ھٿيار اچن ڪٿان ٿا؟ ڪھڙيون ڌُريون آھن، جيڪي انھن حيوان نما ھٿياربندن جي سرپرستي ڪري ڏھڪاءُ پکيڙڻ سان گڏ قانون جا بکيا اُڊيڙين ٿيون. سنڌ ۾ امن امان ٿيڻ بدران حالتون وڌيڪ سنگين ٿي ويون آھن. اڳ ۾ ٻُڌندا ھئاسين تہ پوليس جي ڪم ۾ سياستدانن جي مداخلت ھوندي آھي پر ھن وقت تہ نگرانن جي حڪومت آھي، ان حڪومت جي ڪھڙين مجبوري آھي جو اھا ڌاڙيلن ۽ دھشت ڦھلائيندڙن جي اڳيان مجبور آھي، نگرانن جون تہ ڪي سياسي مجبوريون بہ ناھن، ھن وقت آءِ جي پوليس بہ سنڌ جو ناھي، ان تي ڪو سياسي دٻاءُ بہ ناھي تہ پوءِ بہ سنڌ جو امن ۽ سُڪون تباھ ڇو آھي؟ نگران حڪومت جو اھم ۽ بنيادي ڪم صاف شفاف اليڪشن ڪرائڻ ھوندو آھي پر اھڙي ماحول ۾ جتي امن امان ئي قائم نہ آھي، ان صورتحال ۾ اھا اميد ڪيئن ٿي ڪري سگھجي تہ اليڪشن امن امان واري ماحول ۾ ٿيندي، ڇو تہ جڏھن بہ اليڪشن ٿيندي آھي تہ سياسي مخالفن جا جھيڙا وڌي ويندا آھن، اھڙي صورتحال ۾، جڏھن سنڌ جي صورتحال امن امان جي حوالي سان اڳ ئي خراب آھي، ان ۾ پرامن ماحول ۾ اليڪشن ڪرائڻ خود نگران حڪومت لاءِ ھڪ تمام وڏو چئلينج آھي، ڇو تہ ھن وقت نگران حڪومت بہ مصلحتن جو شڪار نظر اچي رھي آھي.

اسان ھنن ئي ڪالمن ۾ اڳ بہ اھو ئي چوندا رھيا آھيون تہ، سنڌ جو امن امان داءُ تي لڳل آھي. سنڌ ۾ ھٿ وٺي بدامنيءَ جي باھ ڀڙڪائي ويندي آھي، جنھن جي ڪري ڪيئي خاندان تباھ ٿيندا آھن، برادري تڪرارن ۾ درجين قيمتي انساني جانيون ضايع ٿينديون آھن پر اسان ڏسندا رھيا آھيون تہ اھڙن علائقن ۾ بہ پوليس امن امان قائم ڪرائڻ ۾ ناڪام نظر ايندي رھي آھي. سنڌ ۾ ھن وقت نگران سرڪار آھي، اسين ان کي اھو چوڻ جي ضرورت ٿا محسوس ڪريون تہ امن رڳو اعلانن سان نہ ٿيندو، ان لاءِ عملي ڪوششون ڪرڻيون پونديون، قانون جي حڪمرانيءَ کي يقيني بنائڻو پوندو، سياسي مصلحتن کان ھٽي ڪري سخت فيصلا ڪرڻا پوندا، ان بعد ئي اھا اميد ڪري سگھجي ٿي تہ ھتي جا ماڻھو پرامن ماحول ۾ پنھنجي زندگي سُڪون سان گذاري سگھندا.