سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بابت سڏايل اجلاس لاءِ صدر آصف علي زرداري اڄ سومر ڏينهن سکر پهچندو، صدر زرداري امن امان جي صورتحال متعلق اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندو، ذريعن موجب آصف علي زرداري پارٽي اڳواڻن کي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ هلندڙ قبيلائي تڪرارن جي خاتمي لاءِ ٽاسڪ ڏنو آهي، جنهن کانپوءِ ساوند سندراڻي تڪرار، مهر، ڪهلوڙا تڪرار سميت مختلف تڪرارن جي نبيري لاءِ پ پ جي چڱن مڙسن پاران برادرين جي نيڪ مردن ۽ متاثر ڌرين سان رابطو ڪيو ويو، پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي وارثن وٽ به پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه ۽ ٻيا پارٽي اڳواڻ صدر آصف علي زرداريءَ جي هدايتن تي پهتا هئا، صدر زرداري جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ قبيلائي تڪرارن جي خاتمي، امن امان جي صورتحال متعلق پارٽي جي اڳواڻن پاران کنيل قدمن متعلق کيس آگاهه ڪيو ويندو.