ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه سان سي ايم ھائوس ۾ مختلف ملڪن جي سفيرن، واپارين، پارٽي اڳواڻن وزيرن، صلاحڪارن ۽ ڪامورن ملاقاتون ڪري عيد جون مبارڪون ڏنيون، وزيراعليٰ هائوس پاران مهمانن کي مٺايون، ريفريشمينٽس ۽ روايتي تِڪا ڪباب پيش ڪيا ويا. ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته عيد الاضحيٰ قرباني، صبر ۽ خلوص جو درس ڏئي ٿي. حضرت ابراهيم (ع) جي عظيم قرباني جو حوالو ڏيندي ھن چيو ته الله تعالي جي رضا لاءِ قرباني ڏيڻ ئي اصل وفاداري آهي. هن سنڌ ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت سماج جي هر شعبي جي بهتري لاءِ پرعزم آهي. هن پيپلز پارٽي ڪارڪنن کي سرمايو ۽ طاقت قرار ڏنو. ھوڏانھن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ سيد مراد علي شاهه چيو ته بلاول ڀٽو جي آمريڪا ۽ برطانيا ۾ مدلل ۽ وطن دوست موقف نه رڳو پاڪستان جي قيادت جي وقار ۾ اضافو آندو، پر پوري قوم لاءِ فخر جو باعث بڻيو. سنڌ طاس معاهدي بابت ڳالهائيندي هن عالمي ضمير کي جاڳائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، انهي مسئلي کي هن دور جي اهم ترين چيلنجن مان هڪ قرار ڏنو. پاڪستان پنھنجي پاڻيءَ جو جائز حق ڪڏهن به نھ ڇڏيندو.