ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مڪاني ادارن جي وزير سعيد غني سندس کاتي بابت ميمبرن جي پڇيل سوالن جا جواب ڏيندي چيو آهي ته غيرقانوني اڏاوتن ۾ ملوث ۽ ڪرپشن ڪندڙ 31 آفيسرن کي بدلي ڪيو ويو آهي، مئي مهيني تائين 1600 کان وڌيڪ غيرقانوني عمارتن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي، هن وقت تائين آفيسرن جي رشوت وٺڻ جي  ڪا به شڪايت ناهي آئي، هن چيو ته غير قانوني اڏاوتن خلاف هن وقت تائين ٿيل ڪارروائين مان مطمئن ناهيان، ان بابت اثرائتي قانونسازي جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته غير قانوني اڏاوت ۾ ڪٿي نه ڪٿي اسٽيٽ وارا ڊيلنگ ڪندا آهن، انهن کي روڪيو ويندو ته اهي غير قانوني اڏيل بلڊنگ يا گهرن جي ڊيلنگ نه ڪندا، اسان ريئل اسٽيٽ وارن جي رجسٽريشن به ڪنداسين، آئون چاهيان ٿو ته غيرقانوني اڏاوت ٿيل بلڊنگ جي ٽين ياچوٿين منزل (ماڙ ) غير قانوني آهي ته انهي بلڊنگ جا سمورا فلور ڊاهڻ گهرجن ته جيئن اڏاوت ڪندڙ آئنده 10 ڀيرا سوچي. سعيد غني چيو ته بحريا ٽائون کي ڪراچي ايندڙ پاڻي جي لائين مان ئي پاڻي ڏنو ويندو آهي، جيڪو پاڻي بحريا ۾ استعمال ٿيندو آهي انهي جو اهي بل ادا ڪندا آهن،لائين ۾ ميٽر به لڳل آهن، جيڪو پاڻي بحريا ٽائون ۾ استعمال ٿيندو آهي اهو ڪراچي جي پاڻي جي حصي مان ٿورڙو ئي حصو آهي، تقريبن اڌ سيڪڙو پاڻي ڏنو ويندو آهي. اهو تاثر غلط آهي ته بحريا ٽائون جا رهواسي ڪراچي جا رهواسي ناهن، بحريا ۾ ڪراچي جا ئي ماڻهو رهن ٿا. حب ڊيم مان ڪراچي کي پاڻي ڏيڻ جو منصوبو هلي پيو، جنهن سان ڪراچي لاءِ پاڻي جو اضافو ٿيندو.

دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي ۽ اروڙ ورسٽي  وارا بل منظور

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ ايڪسيلنس سينٽر آن ڪائونٽرنگ وايو لنٽ ايڪسٽريزم بل 2025ع گڏيل طور تي پاس ڪيو ويو، صوبائي گھرو وزير ضياالحسن لنجار پيش ڪيل بِل تي ڳالهائيندي چيو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي جديد تقاضن موجب چٿي سگهجي ٿو، هن چيو ته اڳ ۾ئي گھڻي دير ٿي چُڪي آهي. هي مسئلو عوام جو آهي. هتي هر ماڻهو دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو شڪار آهي، ڪنهن جا گهر ساڙيا پيا وڃن ته ڪنهن جي ملڪيتن کي نقصان پهچايو پيو وڃي ان ڪري هن قانون جي اهم ضرورت آهي. اجلاس ۾ گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار پاران اروڙ يونيورسٽي آف آرٽ، آرڪيٽيڪچر، ڊيزائن اينڊ هيريٽيج سکر ترميم بل 2025ع پيش ڪيو ويو، جيڪو پاس ٿي ويو.

 

سنڌ جي نوجوانن کي عمر ۾5 سال رعايت ڏيو: متحده ايم پي اي فوزيه حميد جو ڌيان ڇڪايو نوٽيس

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ متحده ايم پي اي فوزيا حميد نوجوانن کي عمر ۾ رعايت ڏيڻ جي حق ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو، ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ ايم ڪيو ايم ميمبر فوزيا حميد چيو ته وفاق ۽ ٻين صوبن پاران پبلڪ سروس ڪميشن جي چٽاڀيٽي جي امتحان ۾ پنج سال رعايت ڏني وئي آهي، سنڌ حڪومت کي به ان تي سوچڻ گهرجي. جنهن جي جواب ۾ صوبائي وزير ضياءَ لنجار جواب ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت پاران جنرل نوڪرين لاءِ 15 سالن جي رعايت ڏني وئي هئي، پر سپريم ڪورٽ ان کي ختم ڪرڻ جون هدايتن ڏنيون هيون، هن چيو ته سنڌ حڪومت ڊسمبر مهيني تائين انهي عمر کي برقرار رکيو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪجهه نوجوانن ٽيسٽ پاس ڪئي هئي پر انهن کي آفر آرڊر نه ملي سگهيا آهن. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ نئون قانون پاس ڪيو ويو آهي ان جو جائزو وٺي رهيا آهيون.