
اسلام آباد(رپورٽ :ايم بي سومرو) وزيراعظم شهباز شريف تڪراري ڪئنالن جو منصوبو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ کڻي وڃڻ ۽ ٻه مئي تي اجلاس گهرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پ پ وفد سان ملاقات کانپوءِ بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪئنالن جي معاملي تي سنجيدگي سان ڳالهيون ڪيون آهن، گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ گڏيل رضامندي تائين ڪينال نه ٺهندا. هن چيو ته پاڪستان فيڊريشن آهي ۽ ان جون گهرجون آهن، صوبن جا معاملا گڏيل مشاورت ۽ نيڪ نيتي سان طئي ٿيندا، صوبن سان اتفاق بنا منصوبي کي اڳتي نه وڌايو ويندو. سندس چوڻ هو ته ڪينالن جو معاملو اسان کي گڏيل رضامندي سان حل ڪرڻ گهرجي، ن ليگ ۽ پ پ جي اڄوڪي گڏجاڻي ۾ گڏيل رضامندي سان فيصلا ٿيا، گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس ٻه مئي تي ٿيندو. ان موقعي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم طرفان نون ڪينالن جو ڪم روڪرائڻ جي اعلان تي سندس ٿورا مڃيا.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جا ٿورائتا آهيون، جنهن اسان جا خدشا ٻڌا ۽ فيصلا ڪيا، وزيراعظم احتجاج جي شدت کي گهٽ ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته گڏيل راضپي بنا نون ڪئنال نه ٺهندا، اسان ماڻهن جا خدشا ختم ڪري سگهنداسين، ڪالا باغ ڊيم تي ٽن صوبن اعتراض ڪيو ۽ ان تي به گڏيل فيصلو ڪيو ويو، اڄ اسان رڳو ايترو طئي ڪيو آهي ته نوان ڪئنال نه ٺهندا. سي سي آءِ اجلاس ۾ اتفاق راءِ بنا وڌيڪ ڪئنال نه ٺهڻ بابت فيصلن جي تائيد ڪئي ويندي، ان کان اڳ پ پ وفد چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، وفد ۾ وڏو وزير مراد علي شاهه، راجا پرويز اشرف، همايون خان، نديم افضل چن، شازيه مري، ڄام خان شورو ۽ جميل سومرو شريڪ هئا، ملاقات ۾ سنڌو درياهه مان تڪراري 6 ڪينال ڪڍڻ واري معاملي تي سنڌ جي خدشن کان آگاهه ڪيو ويو، وزيراعظم هائوس مان جاري ڪيل پڌرائي موجب ملاقات ۾ وزيراعظم سنڌ جي خدشن کي سنجيدگي سان ورتو ۽ پ پ وفد کي خاطري ڪرائي ته ڪئنالن وارو معاملو گڏيل مشاورت سان ۽ سي سي آءِ جي منظوري سان حل ڪيو ويندو.
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) درياءَ بچايو تحريڪ وزيراعظم شهباز شريف ۽ بلاول زرداري جي ملاقات کانپوءِ ٿيل فيصلي کي سنڌ جي عوام سان دوکو قرار ڏيندي، ان کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي. سنڌو درياءَ بچايو تحريڪ جو هنگامي اجلاس فنڪشنل ليگ هائوس ڪلفٽن ۾ پير صدرالدين شاهه راشدي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ت سنڌو درياءَ مان نڪرندڙ 6 ڪئنالن جي خاتمي بابت نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ تائين اسان جي تحريڪ جاري رهندي. سنڌ جي عوام اڳ ئي واضح ڪري چڪا آهن ته هاڻ ڪنهن به لالي پاپ يا دوکي جو شڪار نه ٿيندا. اجلاس ۾ چيو ويو ته، جيئن ته پيپلزپارٽي اڳ ۾ ئي سنڌ جي مفادن جو سودو ڪري چڪي آهي، تنهنڪري ان لاءِ ڇهن ڪئنالن جي منصوبي کي منسوخ ڪرائڻ ممڪن ناهي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن چيو ته سنڌ جي عوام کي مڪمل حق آهي ته اهي پڇن ته “گرين پاڪستان انيشيئيٽو” تحت جيڪي زمينون الاٽ ڪيون ويون آهن، تن جي الاٽمينٽ ڇو نه روڪيون ويون؟ جڏهن ته اهي سنڌ حڪومت جي اختيار ۾ آهن اڳواڻن چيو ته 2 مئي جو لالي پاپ هاڻ سنڌ جي عوام کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي. جيڪڏهن پيپلزپارٽي سمجهي ٿي ته اها سنڌ جي ماڻهن کي ڪنهن به طريقي سان دوکو ڏئي سگهندي، ته اها انهن جي وڏي ڀل آهي. اجلاس ۾ چيو ويو ته سنڌ سرڪار گرِين پاڪستان انيشيئيٽو تحت ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ سنڌ ۾ الاٽ ٿيل زمينون رد ڪرڻ لاءِ الڳ نوٽيفڪيشن جاري ڪري، اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن چيو ته ڪئنالن واري تحريڪ هاڻ آبادگارن، شاگردن، وڪيلن، عورتن، نوجوانن ۽ هارين جي تحريڪ بڻجي چڪي آهي، جيڪا پنهنجا مقصد حاصل ٿيڻ تائين هر حال ۾ جاري رهندي، اڳواڻن واضح ڪيو ته سنڌ جا باشعور ماڻهو هاڻ ڪنهن به قسم جي ڪوڙي پروپئگنڊا ۽ دوکيبازي قبول نه ڪندا. اجلاس ۾ ڊاڪٽر فهميده مرزا، ڊاڪٽر صفدر عباسي، حليم عادل شيخ، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، سيد زين شاهه، سردار عبدالرحيم، رياض چانڊيو، راحيلا گل مگسي، حافظ نصرالله چنا، حسنين مرزا، حريف چانڊيو، زبير ٽالپر ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا.
سکر(بيورو رپورٽ) ڪراچي بار ڪائونسل جي صدر عامر نواز وڙائچ چيو آهي ته وزير اعظم قابل احترام آهي، پر زباني نه پر ڪئنالن وارو منصوبو ختم ڪرڻ جو عملي نوٽيفڪيشن گهرجي. پهرين ڏينهن کان واضع ڪيو آهي ته جيستائين ڪئنالن کي ر د ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيندو تيستائين ڌرڻو جاري رکيو ويندو. پ پ ڪارپوريٽ فارمنگ ۾ ڌر آهي، اِن ڪري وڪيل پ پ جي جلسي ۾ شرڪت نه ڪندا. ٻٻرلوءِ بائي پاس تي لڳل ڌرڻي جي سربراهه ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ وزير اعظم جي ڪئنالن جي رد ڪرڻ واري اعلان بعد رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته پهرين ڏينهن کان نوٽيفڪيشن گهرون ٿا، اعلان ڪافي ناهن، جيڪو زبان سان چئون ٿا اهو لکي ڏنو وڃي. اسان سان ڪو به رابطو ناهي ڪيو ويو. سنڌ دشمن ڪئنالن وارو منصوبو رد ڪرڻ جو نوٽفڪيشن ڏين اسان ڌرڻو ختم ڪنداسين. باقي مطالبن تي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. هن چيو ته جيڪڏھن اسان وفاق سان وڙھي سگهون ٿا ته ڪنهن سان به وڙھي سگهون ٿا ڀارت جي اهڙي هڪ طرفي فيصلي کي نٿا مڃون سنڌو جي پاڻي تي سوديبازي ٿيڻ نه ڏينداسين، اسان جو ڌرڻو نوٽيفڪيشن سان مشروط آهي، نوٽيفڪيشن ڪور ڪميٽيءَ آڏو پيش ڪيو ويندو جنهن بعد ڪميٽي جيڪو فيصلو ڪندي اُن تي عمل ٿيندو. عامر نواز وڙائچ چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي حوالي سان اڄوڪي گڏجاڻي ۾ اهم فيصلو ڪيو ويو آهي ميٽنگ ۾ اهو طئه ڪيو ويو ته پ پ جيستائين ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏنل زمينن جو نوٽيفڪيشن رد نه ٿي ڪري تيستائين جلسي ۾ شرڪت نٿا ڪري سگهون.