ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ آر او پلانٽ منصوبو غير فعال، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي اختيارين پاران سکر ريجن ۾33، جيڪب آباد ۾ 54 سيڪڙو، ڄامشوري ۾ 73 سيڪڙو آر او پلانٽس غيرفعال هجڻ جو اعتراف، شهيد بينظيرآباد جا 1329 مان 884 غيرفعال بڻيل! ٿرپارڪر ۾ 832 مان رڳو 101 آر او پلانٽس فعال ظاهر سنڌ حڪومت صوبي ۾ لڳايل آر او ۽ الٽرا فلٽريشن واٽر پلانٽن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ، شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۽ عوام کي صاف پاڻي جي فراهمي کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ ڊجيٽل نگراني شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ چيف سيڪريٽري سيد آصف حيدر شاھه جي صدارت هيٺ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي سيڪريٽري اعجاز شاهه بريفنگ ڏيندي چيو ته سنڌ ۾ 2,529 واٽر پيوريفڪيشن پلانٽ لڳل آهن، جن مان 2,032 آر او ۽ 497 يو ايف پلانٽ آهن. سکر ريجن ۾ 527 پلانٽ لڳل آهن، جن مان 354 فعال آهن، يعني 67 سيڪڙو آپريشنل آهن. شڪارپور جي ڪارڪردگي 88 سيڪڙو آهي، جڏهن ته جيڪب آباد ۾ صرف 46 سيڪڙو پلانٽ فعال آهن. شهيد بينظير آباد ريجن ۾ 1,329 پلانٽ لڳل آهن پر فعال صرف 445 آهن، باقي  884 غيرفعال بڻيل آهن. جنهن جي آپريشنل شرح 33 سيڪڙو ٿئي ٿي. ٿرپارڪر ۾ سڀ کان وڌيڪ 832 پلانٽ لڳل آهن، جن مان 101 فعال آهن، جڏهن ته 731 غيرفعال بڻيل آهن. انهي جي ابتڙ ميرپور خاص ۾ 98 سيڪڙو پلانٽ فعال آهن. حيدرآباد ۾ 673 مان 462 پلانٽ فعال ۽ 211 غيرفعال بڻيل آهن. ٺٽي ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ صورتحال اطمينان بخش آهي، جڏهن ته ڄامشوري ۾ صرف 30 پلانٽ فعال آهن، جڏهن ته 73 سيڪڙو مڪمل غيرفعال بڻيل آهن. اجلاس دوران چيف سيڪريٽري سيد آصف حيدر شاھ چيو ته فلٽر پلانٽن جي نگراني لاءِ جديد ڊجيٽل نگراني وارو نظام لاڳو ڪيو وڃي ته جيئن هر پلانٽ جي فعاليٽ، پيداوار، فلٽريشن ڪارڪردگي ۽ مرمت جي ضرورت کي وقت به وقت ڏسي سگهجي. هن چيو ته غيرفعال پلانٽن جي فوري بحالي کي يقيني بڻايو وڃي.