ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاھه پاران اپوزيشن ميمبرن جي رويي تي سخت تنقيد، سندن روَين کي غير منظم ۽ غير مهذب قرار ڏيندي چيو آهي ته احتجاج قانون جي دائري ۾ هجڻ گهرجي. اسيمبلي قاعدن ۾ واضح ڄاڻايل آهي ته احتجاج ايوان جي ماحول کي متاثر نه ڪري، بدقسمتي سان منهنجي بجيٽ تقرير دوران انهن اصولن جو احترام نه ڪيو ويو. ڪالهه بجيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پ پ جي ايوان ۾ اڪثريت آهي، اسان اڪيلي سِر به بجيٽ منظور ڪرائي سگھون پيا پر اسان مشاورت جو رستو اختيار ڪيو. اسان چاهيون ها ته قاعدا لتاڙي سگهون پيا، پر اهو اسان جو طريقو ناهي. هن چيو ته سنڌ جي ترقياتي بجيٽ مجموعي بجيٽ جو لڳ ڀڳ 30 سيڪڙو آهي، جيڪا پنجاب جي 23 ۽ ڪي پي جي 25.3 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت مالي سال 2024.25ع جي شروعات ۾ سنڌ کي 1.9 ٽريلين رپيا واعدو ڪيو هو پر بعد ۾ انهي کي گهٽائي 1.796 ٽريلين ڪيو ويو، جنهن سان 100 ارب رپين جي گهٽتائي ٿي. هن گهٽ ٽيڪس اوڳاڙي تي خدشو ظاهر ڪندي وفاق کان گهٽ ۾ گهٽ 237 ارب رپين جي ادائيگي جو مطالبو ڪيو. وڏي وزير ٻڌايو ته وفاقي حڪومت جي ٽيڪس اوڳاڙي ۾ سيڪڙو ۽ سنڌ جي روينيو ڪليڪشن ۾ 16 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جيڪا وفاق کان وڌيڪ آهي. وڏي وزير زرعي آمدني ٽيڪس جي حوالي سان چيو ته غلط ٽيڪس پاليسين سبب هيل ڪڻڪ درآمد ڪرڻي پئجي سگھي ٿي. هن ايندڙ مالي سال لاءِ زرعي ٽيڪس جو هدف 8 ارب رپيا مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو. جيڪو في ايڪڙ 1052 رپيا ٺهي ٿو، جڏهن ته پنجاب في ايڪڙ رڳو 372 رپيا ۽ خيبرپختونخوا 57 رپيا مقرر ڪيا آهن، هن چيو ته سنڌ ۾ پورهيتن/ مزدورن جي گھٽ ۾ گھٽ ماهوار پگھار 37 هزار رپيا آهي، جڏهن ته پنجاب ۽ ڪي پي حڪومتن 40 هزارن جي تجويز ڏني آهي، منهنجي تجويز آهي ته سنڌ ۾ گھٽ ۾ گھٽ اجرت 42 هزار رپيا هجڻ گھرجي، هن چيو ته سنڌ اسيمبلي عدالتي عملي جي جوڊيشل الائونس لاءِ 8 ارب رکيا آهن، جڏهن ته عدالتي عملي جي پگهارن ۾ واڌ بابت مشاورت جاري آهي، انهي بابت حتمي فيصلو اسيمبلي ڪندي۔ هن چيو ته هڪ جج جي پگهار ٽيڪس ڪٽوتين کانپوءِ به 22 لک رپين کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته اسيمبلي جي اسپيڪر کي ان جو رڳو 10 سيڪڙو معاوضو ملي ٿو۔ هن چيو ته سنڌ ۾ ايندڙ مالي سال دوران صوبي ۾ 100 سيڪڙو جنم جي داخلا (برٿ رجسٽريشن) جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي هن چيو ته تعليم جي شعبي ۾ “ڪاسٽ سينٽرز” جو قيام شروع ڪيو ويو آهي، انهي جو مقصد تعليمي ادارن ۾ وسيلن جي بهتر ورڇ ۽ نگراني آهي. نوجوانن لاءِ صوبي جي هر ضلعي ۾ يوٿ ڊولپمينٽ سينٽر قائم ڪيا پيا وڃن، هن وقت 19 سينٽر ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته صوبي جي سالياني ترقياتي پروگرام جو حجم 520 ارب، ضلعي اي ڊي پي لاءِ 55 ارب ، پرڏيهي سهڪار وارن منصوبن لاءِ 366.72 ارب ۽ وفاقي پي ايس ڊي پي جي مد ۾ 76.28 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن۔ هن چيو ته اسان وٽ صحت جي شعبي ۾ بهترين نيٽ ورڪ موجود آهي، لاڙڪاڻي ۾ ايس آءِ يو ٽي جي نئون مرڪز تعمير ٿي رهيو آهي. اسان يونيورسٽين لاءِ مالي امداد ۾ واڌ ڪئي آهي، جڏهن ته سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ منصوبن لاءِ به فنڊنگ وڌائي آهي. صوبي جي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 کان 12 ۽ پينشن ۾ 8 سيڪڙو واڌ ڪئي آهي. پروفيشنل ٽيڪس ۽ تفريحي(انٽر ٽينمينٽ) ٽيڪس مڪمل طور ختم ڪيا ويا آهن جڏهن ته وڏين گاڏين تي لاڳو مختلف ٽيڪسن ۾ به گهٽتائي آندي وئي آهي. هن چيو ته بجيٽ ڏهاڙي اپوزيشن جو احتجاج اڳواٽ طئي ٿيل پي لڳو، ڇو ته بينرز اڳ ۾ ئي تيار ٿيل هئا۔ اپوزيشن بجيٽ ۾ پنهنجون اسڪيمون شامل نه ٿيڻ تي اعتراض ڪيو۔ جنهن تي کانئن اسڪيمن جا لکت ۾تفصيل ورتاسين. هن اپوزيشن ميمبرن کي اپيل ڪندي چيو ته وفاقي ناانصافين خلاف گڏجي آواز بلند ڪيو وڃي۔ وفاقي حڪومت اپوزيشن کي پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهي آهي۔ وڏي وزير چيو ته وفاق جي ڪنهن به ڪمپني کي صوبي جي منظوري کانسواءِ ڪم ڪرڻ جو اختيار ناهي، هن چيو ته هر چونڊيل نمائندي جي تڪ لاءِ 50 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا آهن، ميمبرن کي انهي رقم برابر پنهنجون ترقياتي اسڪيمون تجويز ڪرڻيون پونديون۔ هن چيو ته برسات سٽيلن لاءِ 20 لک گهرن واري منصوبي تي ڪم جاري آهي، جن مان 12 لک گهر زير تعمير آهن، 6 لک مڪمل ٿي چڪا آهن۔ وڏي وزير چيو ته ڪي 4 منصوبي جي لاڳت 25 ارب کان وڌي 175 ارب رپين تي پهتي آهي، جنهن جو سبب وفاقي انڪوائريون ۽ دير آهي۔ هن چيو ته سنڌ ۾ هيل 1460 ترقياتي اسڪيمون مڪمل ٿي رهيون آهن، جيڪو هڪ رڪارڊ آهي.
اي ڊي پي جي 50 سيڪڙو رقم خرچ ۽ باقي غائب ٿيندي آهي: خورشيدي
ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌُر جي اڳواڻ علي خورشيدي چيو آهي ته ايوان ۾ ڪجهه وزيرن چيو ته ايم ڪيو ايم وارن جو منهن ڪارو ٿي ويو هو، ان ڪري مڪاني چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو، هن چيو ته احتجاج سڀني جو حق آهي، احتجاج کان ڪير به روڪي نه ٿو سگھي. هن چيو ته بجيٽ ڏينهن اپوزيشن جو احتجاج وڏي وزير نه پر ناڻي واري وزير خلاف هو. ماضي ۾ ته ايوان اندر احتجاج طورکٽون به آنديون ويون هيون. هن چيو ته نئون صوبو ايم ڪيو ايم پاڪستان جي پاليسي توڙي مطالبو ناهي، اسان نئين صوبي جو مطالبو ناهي ڪيو. نئون صوبو ٺاهڻ ايم ڪيو ايم جي پاليسي هجي ها ته جڏهن اسان جي اڪثريت هئي، ان وقت اسيمبلي ۾ ٺهراءُ آڻيون ها. آئون 2 سال اڳ چئي چُڪو آهيان ته نون صوبن وارو راڳ بند ٿيڻ گھرجي. هن چيو ته ايوان رولز جي ابتڙ هلائڻ تي نثار کهڙو ۽ آغا سراج دراني کي به ڳالهائڻ گھرجي ها. هن چيو ته سالياني ترقياتي پروگرام لاءِ مختص بجيٽ مان رڳو 50 سيڪڙو خرچ ٿيندي آهي، 40 سيڪڙو رقم خبر ناهي، ڪيڏانهن ويندي آهي؟ هن چيو ته ڪراچي ۾ هڪ اهڙو ادارو به آهي جنهن مان 80 سيڪڙو رقم گُم ٿي ويندي آهي. انهي اداري جو چيف رشوت جو اگھه مقرر ڪندو آهي. هن چيو ته هن سال سالياني ترقياتي پروگرام ۾ ڪراچي جو حصو رڳو 10 سيڪڙو آهي. اسان ته رڳو آئينو ڏيکاريندا آهيون. هن چيو ته 2011ع کان ٿرپارڪر لاءِ ڪيڊٽ ڪاليج جي اسڪيم هلندڙ آهي پر اهو ڪاليج ٺهيو ناهي. خوراڪ کاتي ۾ خطرناڪ ڪوئا آهن، جيڪي ڪروڙين روپين جي ڪڻڪ کائي وڃن ٿا. هن چيو ته حيدرآباد، سکر ۽ ميرپورخاص ۾ ميڊيڪل ڪاليج اڏڻ واري پراڻي اسڪيم مڪمل ناهي ٿي. هن چيو ته ذوالفقار آباد اسڪيم تي 2009ع کان هن وقت تائين 6 سيڪڙو ڪم ٿيو آهي.
سنڌ جي اسپتالن ۾15597افغانين به علاج ڪرايو: سنڌ سرڪار
ڪراچي: سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ايس آءِ يو ٽي ۾ 41 لک 84 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جو علاج ٿيو، جن مان 5 لک 28 هزار جو تعلق سنڌ سان نه هو. خيبر پختونخوا جا هڪ لک 17 هزار ماڻهو هتي صحت ڪارڊ تحت علاج لاءِ آيا، جڏهن ته 15 هزار 597 ماڻهو افغانستان مان علاج لاءِ آيا. اين آءِ سي ايچ ۾ 3 هزار 790 ٻار پنجاب سان تعلق رکندڙ هئا.
آءِ ورڪ فار سنڌ ايپ تي 72 لک ماڻهو رجسٽرڊ ٿيا: شرجيل
ڪراچي: سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اطلاعات کاتي پاران متعارف ڪرايل “آءِ ورڪ فار سنڌ” ايپ تي 72 لک ماڻهو رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن، جن مان هڪ لک 27 هزار 12 ماڻهو نوڪري جي ڳولا ۾ آهن، جڏهن ته 12 هزار 310 ماڻهن کي روزگار ملي چڪو آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ حڪومت مختلف صحافتي تنظيمن کي 29 ڪروڙ 70 لک رپيا گرانٽ طور ڏنا آهن. هن چيوته پاڪستان ۾ سينيمائون بند ٿيڻ سبب سنڌ حڪومت ڊراما ۽ فلم انڊسٽري لاءِ فنڊز مختص ڪيا آهن، هن چيو ته گرين لائين سنڌ حڪومت کي ملڻ بعد رائيڊرشپ ۾ 15 هزار جو اضافو ٿيو آهي. هاڻ پيپلز بس ۾ مسافر اي ٽي ايم ڪارڊ وانگر ڀاڙو ادا ڪري سگهن ٿا، هن چيو ته عورتن کي 1000 پنڪ اليڪٽرڪ اسڪوٽر فراهم ڪرڻ لاءِ اسان کي اڳ ۾ 8 هزار درخواستون مليون ، جن مان 145 عورتن وٽ لائسنس هئا. اسان کي وڌيڪ 7 هزار درخواستون مليون آهن. جلد 1000 عورتون اسڪوٽر هلائيندي روڊن تي نظر اينديون، هن چيو ته سنڌ جا 180 ارب رپيا عدالتن ۾ ڦاٿل آهن.
مون وٽ 6، مريم وٽ14 ۽ بگٽي وٽ 20 کاتا آهن: مراد شاهه
ڪراچي: اپوزيشن جماعتن جي مختلف ميمبرن پاران وڏي وزير وٽ اضافي کاتن جا قلمدان هجڻ جي نشاندهي وارو معاملو، وڏي وزير ميمبرن جي تنقيد جو دلچسپ جواب ڏيندي چيو ته ڪجهه ميمبرن پنهنجي تقرير ۾ تنقيد ڪندي چيو ته وڏي وزير وٽ11 کاتا آهن، مون وٽ 6 کاتا آهن، هن چيو ته مون وٽ مختلف کاتا هجڻ جي حوالي سان شايد مخصوص بيانيو ٺاهيو ويو هو، وڏي وزير چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ 14 ۽ بلوچستان جو وڏو وزير 20 کاتا ڏسي رهيو آهي۔
بجيٽ ڏهاڙي وارا واقعا وساري مستقبل ۾ اڳتي وڌو: مراد شاهه
ڪراچي: وڏي وزير سيد مراد شاھه مورن ميمبرن کي بجيٽ واري ڏينهن تي پيش آيل واقعا وساري مستقل ۾ اڳتي وڌڻ جي اپيل ڪئي. وڏي وزير ميمبرن کي اپيل ڪندي چيو ته بجيٽ واري ڏينهن تي ميمبرن جي هڪٻئي سان پيش آيل واقعن کي وسارڻ گھرجي.
ڪراچي لاءِ 254 ارب رپيا رکيا اٿئون، وڌيڪ اضافي جو امڪان آهي: مراد شاهه
ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير چيو ته بجيٽ جي بحث دوران چيو ويو ته ڪراچي کي نظرانداز ڪيو ويو آهي۔ 1400 ارب رپين جي بجيٽ مان 60 ارب رپيا يعني 4.6 سيڪڙو ڪراچي لاءِ مختص ڪيا ويا آهن، ڪراچي لاءِ مجموعي طور 254 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جن ۾ اضافي جو امڪان آهي۔
سنڌ اسيمبلي ۾نانگ جو ٻيهر ذِڪر * علي خورشيدي جا وڏي وزير کي ڏوراپا * اپوزيشن ليڊر جوابي شعر پڙهيو
ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ نانگ جو ٻيهر ذِڪر ٿيو، اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي وڏي وزير کي ڏوراپو ڏيندي چيو ته بجيٽ اجلاس دوران ايران تي حملي خلاف ڳالهائڻ تي اعتراض واريا ويا، جڏهن ته حڪومتي ڌُر جي ميمبرن اپوزيشن ڏانهن اشارا ڪندي نانگ وارا شعر پڙهيا. علي خورشيدي پڻ ڪالهه موٽ ۾ شڪايتن ڀريو هڪ شعر پڙهي ٻڌايو.
پگهارون 50سيڪڙو وڌايو: ايمپلائيز ايڪشن ڪاميٽي جو اسيمبلي ڏانهن مارچ: چڪريون: 5 سوگها
ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) آل سنڌ گورنمينٽ ايمپلائيز ايڪشن ڪاميٽي پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج، سنڌ اسيمبلي ڏانهن مارچ جي ڪوشش: چڪريون: پوليس جو ملازمن تي واٽرڪينن جو استعمال، 5 ملازم گرفتار، پوليس جي ڪارروائي دوران ڪيترن ئي ملازمن جا ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي پيا، رڪاوٽون ٽوڙي اڳتي وڌندڙ ملازمن کي ڦوھارا چوڪ وٽ روڪيو ويو، بعد ۾ صوبائي وزيرن ضياء لنجار ۽ سعيد غني ملازم اڳواڻن بخت علي چاچڙ، قلب حسين ابڙو، سڪندر جتوئي، عبدالھادي مرکياڻي ۽ ٻين سان ڳالهيون ڪيون ،ملازم اڳواڻن گهر ڪئي ته ماھوار پگھار ۾ 50 ۽ پينشن ۾30 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي، مڪاني کاتي جي ملازمن جون پگھارون ٽريزري ذريعي آن لائين ڏيو ، رٽائرڊ ٿيندڙ ملازمن کي پينشن ۽ گريجوئٽي بروقت ڏني وڃي، سمورن ملازمن کي ھائوسنگ ھائرنگ ۽ ھيلٿ ڪارڊ جاري ڪيا وڃن، پرائمري استادن کي سروس اسٽرڪچر ۽ سرڪاري ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏنو وڃي، ھنن چتاءُ ڏنو آھي ته پھرين جولاءِ تائين مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته اهي ٻيھر احتجاج ڪنداسين.