ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه) سنڌ ۾ هلندڙ گاڏين لاءِ فٽنيس سرٽيفڪيٽ لازمي: وڏن رڪشائن تي بندش: ون وي جي لتاڙ تي 2 لک ۽ بنا ڊرائيونگ لائنسس گاڏي هلائڻ تي 50 هزار ڏنڊ. ان ڏس ۾گهرو وزير ضياءِ الحسن لنجار جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ موٽر وهيڪلز رولز ۾ ترميم آڻي صوبي ۾ هلندڙ سمورين ڪمرشل ۽ نان ڪمرشل گاڏين جي فٽنيس لازمي قرار ڏني وئي، اجلاس ۾ صوبائي وزير چيو ته گاڏين جي فٽنيس ٿرڊ پارٽي ذريعي ٿيندي، اجلاس ۾ 4 سيٽر رڪشائن تي مڪمل پابندي لاڳو ڪرڻ لاءِ ترميم جي منظوري به ڏني وئي، اجلاس ۾ صوبائي وزير چيو ته روڊن تي رڳو ون باءِ ٽو سيٽر رڪشائن کي هلائڻ جي اجازت هوندي، ون وي جي ڀڃڪڙي تي ٻه لک رپيا ڏنڊ پوندو، جڏهن ته رانگ وي موٽرسائيڪل هلائيندڙ جو 25 هزار رپين جو چالان ٿيندو، فور وهيلر پاران ون وي جي ڀڃڪڙي تي هڪ لک رپيا ڏنڊ وڌو ويندو، گهرو وزير وڌيڪ چيو ته مال بردار گاڏين ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 ڪيميرائون نصب هئڻ لازمي هوندو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته رولز ۾ ترميمن جو مسودو حتمي منظوري لاءِ سنڌ ڪابينا آڏو پيش ڪيو ويندو، اجلاس ۾ واٽر ٽينڪرز ۽ ڊمپرز ۾ ٽريڪر ۽ سينسرز جي تنصيب لاءِ قانون ۾ ترميم ڪئي وئي، صوبائي وزير چيو ته ڊرائيونگ لائسنس بنا موٽرسائيڪل هلائڻ تي 25 هزار ۽ ڪار هلائيندڙ تي 50 هزار ڏنڊ پوندو، اجلاس ۾ ڪارن شيشن ۽ فينسي لائيٽس جي آن لائين يا دڪانن تي وڪري تي به پابندي جو فيصلو ڪيو ويو، صوبائي وزير چيو ته ٽريفڪ پوليس ٽرانسپورٽ کاتو ۽ ايڪسائيز پوليس گڏجي ڪم ڪندا، ٽريفڪ جا چالان گاڏي مالڪ جي گهر جي ايڊريس تي موڪليا ويندا، ٽريفڪ چالان جمع نه ڪرائڻ تي گاڏي ٽرانسفر يا وڪرو نه ٿيندي، ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي جي ڪيسن لاءِ ٽريفڪ مئجسٽريٽ مقرر ٿيندا.