ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل پرڳڻي ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ کي هٿي ڏيڻ، ڪينجهر، هاڪس بي، هاليجي ۽ گورک هل وارن سياحتي ماڳن کي پي پي موڊ هيٺ ترقي وٺرائڻ ۽ ٿر ۾ ڊزرٽ سفاري شروع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪالهه  وڏي وزير سيد مراد شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪينجهر ڍنڍ، هاليجي ڍنڍ، هاڪس بي ۽ گورک هل وارن ماڳن کي  پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت عالمي معيار جي سياحتي ماڳن طور ترقي ڏيارڻ تي غور ويچار ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪينجهر ڍنڍ کي سياحتي مقام طور هلائڻ لاءِ سنڌ ٽوئرزم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن ۽ آبپاشي کاتي وچ ۾ معاهدو 2006 کان التوا هيٺ آهي، جنهن کي ٻيهر شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن تي  وڏي وزير آبپاشي ۽ ثقافت کاتن کي هدايتون جاري ڪيون ته اهي پنهنجي معاهدي تي عملدرآمد ڪن. اجلاس ۾ پرچي جي ويري ۽ ننگرپارڪر ۾ نون سياحتي هنڌن کي ترقي ڏيارڻ جي تجويز تي غور ڪري ثقافت واري وزير ذوالفقار شاهه کان سفارشون طلب ڪيون ويون، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي_ٺٽي شاهراهه کان هاليجي ڍنڍ تائين 6 ڪلوميٽرن جي روڊ جي حالت خراب آهي، جنهن تي  وڏي وزير ورڪس کاتي کي روڊ جي ٻيهر تعمير جي هدايت ڪئي، اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته سياحن لاءِ خاص ٽرينون هلائي ۽ ڊزرٽ سفاري ذريعي سندن ڌيان ڇڪرائي سگهجي ٿو. وڏي وزير ڊزرٽ سفاري لاءِ تجويزون طلب ڪيون. اجلاس ۾ سنڌ ٽوئرزم پوليس جي قيام تي پڻ غور ڪيو ويو. وڏي وزير ثقافت کاتي کي هدايت ڪئي ته اهو الڳ پوليس فورس قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪري، اجلاس ۾ گورک هل تي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت جهنگلي زيتون لڳائڻ جي تجويز تي غور ڪيو ويو. پرائيوٽ پارٽي ڪمرشل بنيادن تي تيل ڪڍڻ لاءِ جهنگلي زيتون پوکيندي، وڏي وزير زراعت ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ  کاتن کي هدايت ڪئي ته اهي پراجيڪٽ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پرائيويٽ پارٽين کي ڪانٽريڪٽ پيش ڪن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته برساتن سبب گورک هل اسٽيشن ڏانهن ويندڙ روڊن جي حالت خراب آهي. وڏي وزير ورڪس کاتي کي روڊ جي مرمت جي هدايت ڪئي، اجلاس ۾ وزيراعليٰ مراد شاهه چيو ته ڪراچي کان دادو تائين نئين ايڪسپريس وي جي تعمير جي تجويز غور هيٺ آهي، جيڪو بلوچستان ۽ صوبي جي مختلف شهرن کي ڳنڍيندو. وڏي وزير چيو ته گورک هل ماسٽر پلان جي منظوري ڏئي گهربل فنڊ جاري ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو آهي. اجلاس ۾ پرڳڻي ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هٿي ڏيارڻ لاءِ انٽرنيشنل ڪمپنين کي شامل ڪرڻ جي تجويز تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ آبپاشي کاتي پاران لوئر نارا ڪئنال جي سي سي لائيننگ ( پڪو ڪرڻ ) جي تجويز ڏني وئي آهي، جنهن تي وڏي وزير آبپاشي کاتي کي هدايت ڪئي ته هو ڪئنال جي لائيننگ لاءِ پنهنجون تجويزون پيش ڪري.  اجلاس ۾ سنڌ جي ڪوسٽل هاءِ وي تي جهينگن جا فارم /هيچريون قائم ڪرڻ لاءِ  پرائيويٽ پارٽين (پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ موڊ) کي سهولت ڏيڻ تي بحث ڪيو ويو. وڏي وزير فشريز کاتي کي هدايت ڪئي ته اهو وڌيڪ ڪارروائي لاءِ بزنس ماڊل پيش ڪري. اجلاس ۾ روهڙي، عمرڪوٽ (نبي سر) ۽ نئون ڪوٽ ۾ صوبائي حڪومت جي ڪيٽل فارمن جي آئوٽ سورسنگ تي به غور ويچار ڪيو ويو، جتي پرائيويٽ ڪمپنيون صوبائي حڪومت جي پرائيويٽ پارٽنر طور کير ۽ گوشت لاءِ ڍورن جي نسلن کي بهتر بڻائڻ لاءِ سيڙپڪاري ڪنديون.