سنڌ ۾کوٽ 65 سيڪڙو تي پهتل: منگلا ۾ 42 ۽ تربيلا ۾ ساڍا 8 فوٽ پاڻي ذخيرو

0
15
سنڌ ۾کوٽ 65 سيڪڙو تي پهتل: منگلا ۾ 42 ۽ تربيلا ۾ ساڍا 8 فوٽ پاڻي ذخيرو
سنڌ ۾کوٽ 65 سيڪڙو تي پهتل: منگلا ۾ 42 ۽ تربيلا ۾ ساڍا 8 فوٽ پاڻي ذخيرو

سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) سنڌ جي بئراجن وٽ پاڻي کوٽ واري ڀيانڪ صورتحال برقرار آھي. ڪالهه سنڌ ۾ بئراجن ۽ ڪئنالن وٽ مجموعي طور 65 سيڪڙو کوٽ رهي، سکر بئراج وٽ 62 ۽ ڪوٽڙي بيراج وٽ 43 سيڪڙو کوٽ ريڪارڊ ڪئي وئي. سکر بئراج جو مٿانهون وهڪرو 17630 ۽ هيٺاهون وهڪرو 6100 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو. گڊو بئراج وٽ پاڻي ۾واڌ ٿيڻ بعد مٿانهون ۽ ھيٺاهون 21912 ڪيوسڪ ريڪارڊ  ڪيو ويو، ڪوٽڙي بيراج وٽ پاڻي لاٿ بعد وهڪرا 4590 ڪيوسڪ ٿي ويا آھن. هوڏانهن وپڊا پاران تربيلا ۽ منگلا ڊيم ۽ چشما ڍنڍ ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جو عمل پڻ هلندڙ آھي. تربيلا ڊيم ۾ ساڍن اٺن فوٽن کان مٿي ۽ منگلا ڊيم ۾ 42 فوٽن کان مٿي فوٽ پاڻي جمع  ڪيو ويو. ياد رهي ته گڊو بيراج جا سالياني بندي سبب 4 واهه بند آهن، هوڏانهن سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شوري چيو آهي ته سنڌ تڪراري ڪئنالن واري معاملي تي وفاق ۽ پنجاب سان  ڪي ڳالهيون نه ڪندو، وفاق کي ڪئنالن وارو فيصلو واپس وٺڻو پوندو. پنجاب جي آبپاشي واري وزير ڪاظم پيرزادي جي پريس ڪانفرنس جي ردِعمل ۾ جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو  ته ڪاظم پيرزاده کي خبر هئڻ گھرجي ته ايڪنڪ 7 فيبروري 2024ع تي ڪئنالن جو ڪيس گڏيل مفادن واري ڪائونسل ڏانهن اماڻي چُڪي آهي، سنڌ سرڪار به جون 2024ع ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ وڃي چُڪي آهي،  پنجاب هن وقت تائين تڪراري ڪينالن واري معاملي تي اعتراضن جو جواب داخل نه پيو ڪرائي، انهي  مان ثابت ٿئي ٿو ته پنجاب سي سي آءِ کان ڀڄڻ جا بهانا پيو ڳولي پنجاب سرڪار کي گھرجي ته ڪئنالن واري معاملي تي سي سي آءِ ۾ پنهنجو جواب جمع ڪرائي. هن وڌيڪ چيو ته پنجاب جو آبپاشي وارو وزير ڪاظم پيرزاده ڪير ٿيندو آهي جيڪو سنڌ جي وڏي وزير کي ڳالهين جي دعوت ڏئي؟ آبپاشي واري پنجاب جي وزير کي گھرجي ته هُو وزيراعظم کي چوي ته سي سي آءِ جو اجلاس سڏايو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته صدر آصف علي زرداري تڪراري ڪئنالن جي ڪا منظوري ناهي ڏني، پنجاب جا وزير ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن. جڏهن مُلڪ ۾ پيئڻ لاءِ به پاڻي موجود ئي ناهي ته پنجاب تڪراري ڪينالن کي پاڻي ڪٿان ڏيندو؟ هن چيو ته سنڌ جو عوام ۽ پيپلز پارٽي فيصلو ڪري چُڪا آهن ته تڪراري ڪينال منظور ناهن. هن چيو ته تڪراري ڪينال حساس نوعيت جو معاملو آهي، سنڌ ڪنهن به صورت ۾ انهي تڪراري منصوبي کي قبول نه ڪندي.