ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ جي گھرو وزير ضياءِ الحسن لنجار ڪراچي ايئرپورٽ توڙي صوبي ۾ ڪم ڪندڙ پرڏيهين جي سيڪيورٽي لاءِ گهڻ رخا قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي، ڪالهه سنڌ اسيمبلي بلڊنگ ۾ ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪراچي ايئرپورٽ ۽ پرڏيهين جي سيڪيورٽي تي غور ڪري اهم فيصلا ڪيا ويا، اجلاس ۾ گھرو وزير ھدايت ڪئي ته سڀني اسٽيڪ هولڊرز جي مدد سان سيڪيورٽي آڊٽ لاءِ قدم کنيا وڃن، هن ڪراچي ايئرپورٽ ۽ پرڏيهين جي سيڪيورٽي لاءِ گھرو کاتي جي ايڊيشنل  چيف سيڪريٽري اقبال ميمڻ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، ڊي آءِ جيز(  ايسٽ، سي ٽي ڊي، اسپيشل برانچ ۽ ايس پي يو)، آءِ بي جو جوائنٽ ڊائريڪٽر ، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نمائندن، اي ايس ايف ۽ سول ايوي ايشن اٿارٽي جي ميمبرن تي مشتمل ڪاميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي، اها ڪاميٽي پرڏيهين جي حفاظت لاءِ ايس او پيز ترتيب ڏيڻ ۽ سيڪيورٽي سان لاڳاپيل ذميوارين کي لاڳو ڪرڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ لاءِ قدم کڻندي. گهرو وزير ايئرپورٽ جي چوڌاري ۽ اندروني حصن ۾ فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ وڌيڪ سي سي ٽي وي ڪيميرائون لڳائڻ جي هدايت ڪئي، هن چيو ته  هر اداري ۽ آفيسرن جي ذميوارين تي مشتمل هڪ جامع ايس او پي تيار ڪري منظوري لاءِ موڪلي وڃي، سنڌ ۾ موجود پرڏيهي شهرين جي سيڪيورٽي کي وڌيڪ سخت ۽ غير معمولي بڻايو وڃي.