حيدرآباد (بيورو رپورٽ) نامياري ليکڪ ڊاڪٽر اشوڪ ڏيواڻي جي ڪتاب ”ميگهه تاريخ جي آئيني ۾“ جي مهورتي تقريب حيدرآباد ۾ ٿي جنهن کي خطاب ڪندي ڏات ڌڻين چيو آهي ته سنڌ ۾ ڌرم جي بنياد تي ماڻهن کي ويڙهائي جبر جو نظام جوڙيو پيو وڃي ۽ ان بنياد تي ورڇ جي نتيجي ۾ هڪ طبقي کي سگهه ڏني وئي آهي. اها تقريب ميگهه ادبي سنگت مٺي جي ميزباني هيٺ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ٿي جنهن ۾ ڳالهائيندي اديب تاج جويو چيو ته اسين ھن خطي جي عظيم ديس جا رھواسي آھيون جتي مذهبي متڀيد کان هٽي رواداري وارو نظام قائم ٿيل هو. هن چيو ته ماڻهن کي ڌرم جي بنياد تي ورھائي ۽ ويڙھائي جبر جو نظام جوڙيو ويو آهي ۽ ڌرم جي بنياد تي ورڇ جي نتيجي ۾ ھڪ طبقي کي سگھه ڏني وئي آهي. هن چيو ته مذھب جي بنياد تي قوم نه جڙندي آهي. سڀ ذاتيون سنڌي قوم جو حصو آھن. اڳ ۾ ذات تبديل نه ٿيندي ھئي پر ورهاڱي کانپوءِ اسان پنهنجي اصل سڃاڻپ وڃائي رهيا آهيون. ڪتاب جي ليکڪ ڊاڪٽر اشوڪ ڏيواڻي چيو ته ميگھه قبيلي جا درد ڏسي هن ھي قلمي پورھيو ڪيو آهي. سماجي روين جي ڪري ذات به سڏائي نٿي سگهجي. ڌرتي جا مالڪ پنھنجي ئي ڌرتي تي ويڳاڻا ٿي ويا آهن. هن چيو ته تحقيق ۽ تاريخ جا پيرا کڻي اھو ثابت ڪيو آھي ته ميگھه موھن جي دڙي جي اڏاوت ڪندڙ آھن ۽ موھن جي دڙي جو ماڻھو بت پرست نه رهيا آهن. ھو انڊس ويلي جا مالڪ هئا. انڊس ويلي تي قبضو ڪندڙن اصلوڪن رهواسين کي ھن حالت ۾ پھچايو آھي. اسين ڌرتي ڌڻي پنھنجي نئين ۽ اصل تاريخ لکي وطن جي مالڪي ڪنداسين. ليکڪ ذوالفقار ھاليپوٽي چيو ته سوشل ميڊيا جي ان دور ۾ رھون ٿا جتي سنجيده ڪتاب پڙھڻ جي عادت گھٽجي رهي آھي. ميگھه يا ميگھواڙن تي لکڻ سان ليکڪ ماضي ۾ جھاتي پاتي آھي. سنڌي قوم جي حصي جي ھن ذات جي مختلف رخن تي نظر وڌي وئي آھي. سنڌ يونيورسٽي جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر سيد اظھر علي شاھه چيو ته لطيف جنھن ميگھ ملهار جي ڳالھه ڪئي آھي اها محبوب سان مشاھبت آھي. ميگھه رڳو ڪڪر جو نه پر ٻاجھه جو تصور به اڀاري ٿو. ھڪ تاريخ ظالمن جي آھي جيڪا ڪوڙي ۽ ڪاروباري آهي ۽ ٻي تاريخ مظلومن جي تاريخ آھي. ليکڪ مظلومن جي تاريخ تي قلم کنيو آھي جيڪو سٺو عمل آهي. سماج سڌارڪ ڊاڪٽر سونو کنگھراڻي چيو ته ميگھه حڪمران به رھيا ۽ انهن جنگيون به وڙهيون آهن. ھي تاريخ اتساھيندڙ ۽ حقيقتن تي ٻڌل آھي. سڄي دنيا ۾ جپسيز موجود آھن جن جون نشانيون ھن قبيلي سان ملن ٿيون. حملي آورن جي ڪري قبيلي جا ماڻھو ٽڙي پکڙي ويا. رائچند راٺوڙ جي ڪتاب کانپوءِ ھي ٻيو اھم ڪتاب آيو آھي. شاعره ڊاڪٽر بختاور ڄام چيو ته ٿر جا ماڻھو ميگھه ۽ ماروي سان جڙت رکندڙ آھن. اسين طبقاتي جبر خلاف ۽ منصفاڻو سماج اڏيندڙ آھيون. ان موقعي تي شاھنواز مھيسر، پروفيسر ڀيم راڄ، ليکڪ مٺل جسڪاڻي، ھيمنداس چنداڻي، ڊاڪٽر جئه رام، ڊاڪٽر اسلم پرويز، سيتا ڪماري، سماجي اڳواڻ پشپا ڪماري ۽ ٻين به خطاب ڪيو.