ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته شگر انڊسٽري سميت زرعي شعبي بهتري صوبائي حڪومت جي ترجيح آهي. وفاقي حڪومت تازو ”اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيسن ڪائونسل“ قائم ڪري دفاع، زراعت، معدنيات، آءِ ٽي ۽ توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪارن تي  ڌيان ڏئي پئي، آئون ڪائونسل جي ميمبر طور شگر انڊسٽري سميت سنڌ جي زرعي شعبي جي پيداوار ۽ صلاحيت وڌائڻ لاءِ سيڙپڪاري لاءِ جاکورڙيندس پاڪستان سوسائٽي آف شگر ٽيڪنالاجسٽ جي 55 هين سالياني ڪنوينشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته صوبي ۾33 شگر ملون آهن، سال 23-2022ع ۾ لڳ ڀڳ 290000 هيڪٽرن تي ڪمند پوکيو ويو، مجموعي طور 16.8 ملين ٽن ڪمند جي ڪرشنگ ٿي، جنهن مان  1.75 ملين ٽن کنڊ پيدا ٿي. هن چيو ته 22-2021 جي ڀيٽ ۾ گذريل سال دوران کنڊ جي پيداوار ۾ 0.33 ملين ٽنن  جو اضافو ٿيو آهي، هن چيو ته گذريل سيزن دوران سنڌ جي 80000 ٽن کنڊ ايڪسپورٽ ٿي. هن چيو ته سنڌ ۾ڪمند جي پيڙهائي 15 نومبر  کان ٿيندي. اسان هيل ڪمند جو گهٽ ۾ گهٽ اگهه 425 رپيا في مڻ (40 ڪلوگرام) مقرر ڪيو آهي.  هن  چيو ته شگر فيڪٽريون ڪرشنگ سيزن جي پڄاڻي تي معياري پريميئم ادائيگي وارو نظام لاڳو ڪن.