ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه چيو آهي ته نگران دور ۾ سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال وڌيڪ خراب هئي، هاڻي امن امان جي صورتحال اطمينان جوڳي آهي. ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن  چيو ته ڪابينا جي تازي اجلاس ۾ گهرو وزير ۽ آءِ جي امن امان بابت بريفنگ ڏني هئي. هن چيو ته پيپلز پارٽي کي نوازليگ  جي حمايت حاصل آهي،  2016 ۾ ڀيريون ڀيرو وڏو وزير ٿيس، ان وقت پيپلز پارٽي جا نواز ليگ  سان لاڳاپا تمام خراب هئا، مون ان وقت آصف علي زرداري کان پڇيو ھو ته آئون ساڻن گڏ ڪيئن ڪم ڪري سگهان ٿو؟ آصف علي زرداري چيو ته توهان تڏهوڪي وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪري صوبي جي بهتري لاءِ ڪم ڪريو. سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪي پي جي وزيراعليٰ  علي امين گنڊاپور کي پڻ چوندس ته هو پنهنجي عوام لاءِ ڪم ڪري، علي امين گنڊاپور کي پنهنجي صوبي  جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي. ڌانڌلين بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جي ڊي اي ۽ سني اتحاد ڪائونسل جا اميدوار به نه بيٺا هئا، جي ڊي اي کي خبر هئي ته اهي اليڪشن هارائي ويندا، شايد ان ڪري هنن اميدوار نه بيهاريا، هنن وڌيڪ چيو ته آئون پ پ جي سمورن ايم پي ايز جي فارم 45  جي گارنٽي ڏيان ٿو، منهنجي تڪ ۾ جي ڊي اي جا اڪثر پولنگ ايجنٽ حاضر ئي نه هئا. وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال اطمنان جوڳي آهي، نگران حڪومتي دور ۾ امن امان جي صورتحال وڌيڪ خراب هئي، امن امان جي صورتحال اسان جي اولين ترجيح آهي، اميد آهي ته ناڻي وارو نئون وفاقي وزير ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته  ليڊي ٽيچر کي هراسان  ڪندڙ انٽر بورڊ جي چيئرمين نسيم ميمڻ واري معاملي کي ڏسي رهيو آهيان، جلد پرڳڻي جي سمورن بورڊن ۾ تبديلون ڪنداسين