ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نئين مقرر ٿيل ڪراچي پوليس چيف خادم رند جو اليڪشن ڪميشن جو دورو، صوبائي اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات، ايندڙ عام چونڊن لاءِ پوليس جي مقرري جي پلان ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوھاڻ جو چوڻ ھو تھ اليڪشن ڪميشن جي هدايتن ۽ ضابطه اخلاق تي مڪمل عملدرآمد ڪيو ويندو، ڪراچي پوليس چيف خادم رند صوبائي اليڪشن ڪمشنر کي يقين ڏياريو ته ايندڙ عام اليڪشن ۾ پوليس پاران مڪمل سهڪار ڪيو ويندو، شفاف چونڊن کي يقيني بڻايو ويندو.