ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) سنڌ حڪومت زراعت، لائيو اسٽاڪ، فشريز ۽ آبپاشي شعبن لاءِ ڪوآپريٽو سوسائٽيز جو منصوبو آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان حوالي سان ڪالهه چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاھ جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪوآپريٽو سوسائٽيز ايڪٽ ۾ سڌارن جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويو، ان موقعي تي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاھ چيو ته سنڌ حڪومت زراعت، لائيو اسٽاڪ ۽ آبپاشي جهڙن اهم شعبن ۾ ِ ڪوآپريٽو سوسائٽيز قائم ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي ته جيئن انهنن شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن کي درپيش مسئلن جو حل ڳولي سگهجي ۽ سندن پيداوار ۽ پائيداري کي بهتر بڻائي سگهجي. هن چيو ته موجوده ڪوآپريٽو قانون هائوسنگ سوسائٽيز تائين محدود آهي، جڏهن ته زراعت، لائيو اسٽاڪ، فشريز ۽ آبپاشي جهڙا اهم شعبا نظرانداز ٿي رهيا آهن. اجلاس ۾ ڪوآپريٽو کاتي جي سيڪريٽري نواز سوهو سنڌ ڪوآپريٽو سوسائٽيز ايڪٽ 2020ع ۽ تجويز ڪيل سنڌ ڪوآپريٽو گورننس ايڪٽ 2025ع بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. چيف سيڪريٽري آبپاشي، زراعت، چوپائي مال کاتن جي سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجن شعبن ۾ ڪوآپريٽو سوسائٽيز جي قيام لاءِ تفصيلي تجويزون تيار ڪن. انهن تجويزن ۾ زرعي مشنري، سامان، ٻج ۽ مال پالڻ سان لاڳاپيل وسيلن لاءِ سبسڊي، مالي ادارن ۽ ڪوآپريٽو بينڪن ذريعي مالي مدد ۽ قرضن جي سهولت ۽ اسٽيڪ هولڊرز جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ تربيتي پروگرام شامل هوندا.