ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ ۽ پنجاب جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف گڏيل آپريشن لاءِ ٻنهي صوبائي حڪومتن ۾ ٽيون ڀيرو اتفاق، درياءَ ۾ پاڻي جي سطح گھٽجڻ سبب جلد آپريشن جو گڏيل پلان تيار ڪري ڪارروايون شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، ان حوالي سان ڪالهه هتي سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر ) مقبول باقر ۽ پنجاب جي نگران وزيراعليٰ محسن نقوي وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ ٽيون ڀيرو اتفاق ڪيو ويو آهي، اجلاس کي آگاهي ڏني وئي ته سنڌ ۽ پنجاب جي دريائي علائقن ( ڪچي) ۾ ڌاڙيلن خلاف سگھارو آپريشن ڪيو ويندو، ڪالهوڪي ملاقات ۾ ٻنهي نگران وڏي وزيرن چيو ته ڪچي ۾ دريائي پاڻي تيزي سان گھٽجي ويو آهي، ان ڪري هاڻي ڌاڙيلن خلاف گڏيل طور تي آپريشن ڪرڻ ۾ سولائي ٿيندي، آپريشن ۾ ڪو مسئلو پيش نه ايندو. واضح رهي ته ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ انهي کان اڳ به ٻنهي صوبن جي چونڊيل حڪومتن پاران گڏيل آپريشن لاءِ اتفاق ڪيو ويو هو.