ڪراچي/ لاهور(اسٽاف رپورٽر/ م ڊ ) سنڌ جي ثقافت واري وزير سيد ذوالفقار علي شاهه پنجاب جي گورنر سليم حيدر سان گورنر هائوس لاهور ۾ ملاقات ڪري سنڌ جي سياحتي ۽ ثقافتي ماڳن ۽ انهن جي تاريخي ۽ قديم حيثيت بابت تفصيل سان آگاهه ڪيو. هن چيو ته سنڌ جي آرڪيالاجي کي عالمي سطح تي چڱي ريت ساراهيو ويو آهي، جڏهن ته قدرتي سياحتي ماڳ به پنهنجو مثال پاڻ آهن، جنهن جو هڪ مثال تمام گرم علائقي ۾ گورک ٽڪري به آهي، جيڪا گرم ترين علائقي ۾ ٿڌو ماڳ آهي. ٻنهي صوبن جي وچ ۾ سياحتي لاڳاپن جي استحڪام لاءِ هڪٻئي جي ثقافت، تاريخ کان واقف هئڻ لازمي آهي، هن چيو ته سياحتي ماڳن جي ترقي سان مقامي ماڻهن کي به روزگار جا وڌ کان وڌ موقعا پيدا ٿيندا. صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه پنجاب جي گورنر کي مڪلي، موهن جو دڙو، ڪوٽڏجي، ٿرپارڪر سميت ٻين سياحتي ماڳن جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. ان موقعي تي پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر چيو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ سياحت لاءِ بهترين ماڳ آهن، اسان وٽ موقعو آهي ته سياحت جي شعبي کي هٿي وٺرائي معاشي حالتون بهتر بڻائي سگهون. گورنر پنجاب سنڌ جي سياحتي ماڳن جي دوري جي دعوت قبول ڪري ورتي