ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سماجي تحفظ بابت خاص مددگار سرفراز راڄڙ ۽ پنجاب سوشل پروٽيڪشن جي وائيس چيئرپرسن جھان آرا وٽو پاران سماجي ڀلائي وارا ڪم گڏجي ڪرڻ تي اتفاق، ڪالهه ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هنن چيو ته پ پ ۽ نواز ليگ گڏجي غريب ۽ بي پھچ ماڻھن جي مدد ڪرڻ چاھين ٿيون ، سنڌ ۾ اسانجو پروگرام 15 ضلعن ۾ ڪم ھلي رھيو آھي جن ۾ سجاول،بدين، ٽنڊو محمدخان، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص ۽ ٻيا ضلعا شامل آھن، ٿڃ پياريندڙ عورتن کي به ممتا پروگرام ۾ شامل ڪيو ويندو سرفراز راڄڙ چيو ته سنڌ حڪومت جو ممتا پروگرام ڳورھاري ٿيڻ کان ٻارجي عمر 2 سال ٿيڻ تائين ماءِ ۽ ٻار جي 30 ھزار رپين تائين سھائتا ڪري ٿو.