ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۽ پنجاب سماجي تحفظ جي شعبي کي گڏيل طور هٿي وٺرائڻ لاءِ معاهدو ڪري ورتو. معاهدي تحت ٻئي صوباپاليسين، وسيلن، ڊيٽا شيئرنگ، ۽ ٽيڪنالاجي جو گڏيل استعمال ڪري پائيدار ۽ اثرائتي سماجي تحفظ جون اسڪيمون جوڙي سگهندا. هي معاهدو ٻي قومي سماجي تحفظ ڪانفرنس جي اختتامي تقريب دوران طئي ٿيو، جنهن ۾ پنجاب سوشَل پروٽيڪشن اٿارٽي جي وائيس چيئرپرسن جهان آرا منظور وٽو ۽ وزير اعلى سنڌ جي سماجي تحفظ بابت صلاحڪار سرفراز راڄڙ باضابطه طور تي ليٽر آف انٽينٽ (LoI) تي صحيحون ڪيون. گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب، پنجاب ۽ سنڌ جي وچ ۾ هن معاهدي جو بنيادي مقصد بين الصوبائي سهڪار کي وڌائڻ ۽ مستحق ماڻهن لاءِ سماجي تحفظ جي اثرائتي قدمن کي بهتر بڻائڻ آهي. هن ڀائيواري ذريعي، سنڌ ۽ پنجاب ۾ سماجي ڀلائي جي منصوبن کي جديد بنيادن تي آندو ويندو ته جيئن مستحق ماڻهو، ڀلي ڪهڙي به صوبي ۾ رهندا هجن، امدادي سهولتن مان فائدو وٺي سگهن. ان موقعي تي ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي پي ايس پي اي جي وائيس چيئرپرسن جهان آرا منظور وٽو چيو ته سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ هي معاهدو سماجي تحفظ جي ميدان ۾ هڪ وڏي اڳڀرائي آهي، جيڪا بين الصوبائي سهڪار کي هٿي ڏيندي ۽ ڊگهي مدي وارن سڌارن جي راهه هموار ڪندي.” هن وڌيڪ چيو ته، “هاڻي سڀئي صوبائي سماجي تحفظ جا نظام ڊجيٽل طور تي هڪٻئي سان جڙيل رهندا، جنهن جو فائدو اهو ٿيندو ته مستحق ماڻهو ڪنهن به صوبي ۾ رهندي سهولتن مان فائدو وٺي سگهندا. سنڌ جي منصوبابندي ۽ ترقي واري وزير ناصر حسين شاهه، چيو ته سماجي تحفظ جي نظام کي وڌيڪ مضبوط ۽ اثرائتو بڻائڻ لاءِ بين الصوبائي ڀائيواري ضروري آهي. هي هڪ مثبت اڳڀرائي آهي، جيڪا مختلف صوبن ۾ هم آهنگي کي وڌائيندي ۽ سماجي تحفظ جي نظام کي وڌيڪ مستحڪم بڻائيندي،” هن چيو بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن، سينيٽر روبينه خالد چيو ته صوبن جي وچ ۾ تجربن جي ڏي وٺ سان سماجي ڀلائي وارين پاليسين کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي سگهجي ٿو، صوبائي صلاحڪار سرفراز راڄڙ، چيو ته سنڌ حڪومت هڪ اهڙو ماڊل تيار ڪري رهي آهي، جنهن ذريعي مستحق ماڻهو پوري ملڪ ۾ بنا ڪنهن رڪاوٽ جي سماجي تحفظ جون سهولتون حاصل ڪري سگهن.