ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ) سنڌ ۽ وفاق ۾ اقليتن جون 30 هزار نوڪريون خالي ۽ اقليتن جي ملڪيتن تي قبضا ٿيڻ جو انڪشاف،  سنڌ جي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن،  اديبن ۽ صحافين پاران اقليتن کي برابري جي بنياد تي حق ڏيڻ، آئين ۾ ترميم ڪري شيڊيو ل ڪاسٽ لفظ کي ڪڍڻ،تعليم ذريعي ننڍ وڏائي جو تاثر ختم ڪرڻ، بي گهر ٿيلن کي 80-80 والن  جاپلاٽ ڏئي اجها ٺاهي ڏيڻ جي  گهر، ان ڏس ۾  ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ اقليتن جي حقن بابت ٿيل تقريب کي ماحوليات واري  وفاقي وزير شيري رحمان خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي ھميشه اقليتن جو تحفظ ڪيو آهي، زنده قومون پنھنجا حق وٺڻ ڄاڻنديون آھن، اقليتي برادري بااختيار ھوندي ته اسان اڳتي وڌنداسين، ھتي جيڪڏهن نثار کهڙو ۽ شيري رحمان مضبوط آھن ته سڀ مضبوط آھن، هن چيو ته  پاڪستان ۾ شيڊويول ڪاسٽ لفظ ڇو ٿو استعمال ٿئي؟ ھي ڪولھي آھي، ھي نان مسلم آھي، اسان کي انهي  غلط سوچ کي ختم ڪرڻو پوندو، پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو خطاب ڪندي چيو ته  پاڪستان ٺھڻ وقت ملڪي جھنڊي ۾ اڇو رنگ رکيو ويو،  تڏهوڪن حڪمرانن اڇي حصي  کي  اقليت ڊڪليئر ڪيو، هن چيو ته شهيد ڀٽو جي دور ۾ ون مين _ ون ووٽ جي ڳالهه ٿي، اهڙي صورت ۾ شيديول ڪاسٽ ۽ منارٽيز جو ذڪر ڇو ٿو ٿئي؟  ضياءَ الحق جي دور ۾ اقليتن کي مک ڌارا کان الڳ ڪيو ويو، سينيئر صحافي ۽ تجزيه نگار مظھر عباس  پ پ حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته اهو چوڻ آسان آھي ته  اسانکي شيڊيول ڪاسٽ لفظ پسند ناھي، سنڌ سميمت ملڪ ۾ اقليتن جون 30 ھزار ملازمتون ٽن سالن کان خالي پيل آھن، جن تي مقرريون نه ٿيون ڪيون وڃن، هن چيو ته آئون  اسلام آباد ۾ رپورٽ ڏسي حيران ٿيس ته سنڌ ۾ اقليتن جي زمينن تي ڪيئن قبضا ڪيا ويا آهن،؟ ايف آءِ اي ھارين جي 300 ايڪڙ زمينن تان قبضا ختم ڪرائي اها اقليتن حوالي ڪئي، ھن چيو ته رياست جو فرض آھي ته اها اقليتن جو تحفظ ڪري، کين  تعليم، صحت ۽ روزگار جون سهولتون ڏياري، تقريب ۾ ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ، پونجو مل ڀيل، ويرجي ڪولهي، سينيٽر ڪرشنا ڪماري، ناصر محمود، ڪرامت علي ۽ ٻين شرڪت ڪئي،