ڪراچي(رپورٽ:فقير سليم) سنڌ جي ثقافت، نوجوانن جي معاملن ۽ راندين واري نگران وزير سيد جنيد شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ مختلف راندين جي رانديگرن پاران قائم ڪيل هڪ جهڙيون تنظيمون ختم ڪرڻ لاءِ هڪ آرڊيننس آڻي رهيا آهيون، 10 سالن کان نه ٿيندڙ سنڌ گيمز جلد ڪرائي، نياز اسٽيڊيم واپس راندين واري کاتي ڏانهن آڻڻ لاءِ ڪوشش ڪنداسين، ٽائيم نيوز سان ڪيل خصوصي ڳالهه ٻولهه ۾ هن چيو ته سنڌ ۾ سرڪاري پئسن سان تعمير ٿيل گرائونڊ توڙي تفريح ماڳ عوام کي تفريح فراهم نٿا ڪن ته پوءِ انهن جي ٺاهڻ جو ڪهڙو فائدو؟ هن چيو ته سنڌ گيمز لاءِ بجيٽ جلدي رليز ٿي ويندي، هن چيو ته سنڌ جي مستحق فنڪارن کي وظيفو فراهم ڪرڻ کانسواءِ انڊوومينٽ فنڊ ذريعي به مدد ڪنداسين، هن چيو ته سنڌ جي آرڪيالاجيڪل سائيٽس بابت هاءِ ويز تي ڪو بل بورڊ لڳي ناهي سگهيو، اهي بل بورڊ تيار پيل آهن پر انهن لاءِ گهربل اين او سي نه ورتي وئي، جنهن سبب اهي لڳي ناهن سگهيا،هن چيو ته 2008ع ۾ گورک واري روڊ جي جيڪا حالت هئي، اڄ به اهائي حالت آهي، جڏهن هڪ اهڙو ادارو موجود آهي ته اٿارٽي ٺاهڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ ڪينجهر تي سهولتون گهٽ آهن، سرڪار انهي ڪري پئسا خرچ ڪري ٿي ته مقامي ماڻهن کي تفريح ملي، ڪينجهر تي مهانگائي ايڏي آهي جو ماڻهو وڃي نٿا سگهن، هن چيو ته حيدرآباد جي پبلڪ اسڪول ۾ اسان جي هاڪي گرائونڊ تي اسڪول انتظاميا پئسن عيوض ميچ ڪرڻ ڏئي ٿي ته انهي تي اسان جو اسپورٽس کاتي جو آفيسر مقرر ڪنداسين، هن چيو ته حيدرآباد واري نياز اسٽيڊيم کي راندين واري کاتي ٺهرائي پي سي بي حوالي ڪيو، هن وقت اهو لاوارث بڻيل آهي، انهي جي واپسي لاءِ ڳالهائينداسين، هن چيو ته سنڌ ۾ ملاکڙا ڪرائينداسين، هن چيو ته ڀٽ شاهه ميلي ۾ فنڪارن کي اها ئي رقم ملي جيڪا گذريل حڪومت بجيٽ ۾ رکي، اڄ جي مهانگائي جي حساب سان فنڪارن کي ٻيڻ يا ٽيڻ تي پئسا ڏيڻ گهرجن، جيڪي ايندڙ سال ضرور ملندا، هن چيو ته اسين نگران وزير رڳو روز جو ڪاروهنوار هلائڻ ۽ اليڪشن ڪرائڻ آيا آهيون، اليڪشن جي تاريخ اليڪشن ڪميشن ڏيندي، آئون 2018ع واري نگران حڪومت ۾ به وزير هئس، ان وقت به اليڪشن شفاف ٿي، هاڻي به اليڪشن شفاف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته سنڌ ۾ هزارين اهڙا راندين جا گرائونڊ آهن، جن تي قبضا ٿي ويا آهن ۽ اتي ڪيترائي پلازا اڏيل آهن، اسان قبضا هٽائڻ جي ڪوشش ڪنداسين