سنڌ اڃاري آهي، سنڌ جي سرير ۾ صحرا سرايت ڪري چڪو آهي، سنڌ بُٺ ۽ ڀڙڀانگ بڻجي وئي آهي، جنهن جو سبب سنڌ کي پاڻيءَ جو جائز حصو نه ملڻ آهي. سنڌ کي ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت جي سزا ڏني پئي وڃي. پنجاب واعدن ۽ معاهدن تي عمل ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهي. جيڪي فلڊ ڪئنال صرف ٻوڏ دوران وهائڻا آهن، انهن کي پنهنجي مرضيءَ سان وهائي پاڻي کڻندو رهي ٿو. هن ڀيري به خريف سيزن دوران پاڻيءَ جي سخت کوٽ باوجود پنجاب تونسا- پنجند لنڪ ڪئنال کولي 29 اپريل کان 20 مئي تائين 22 ڏينهن اندر 66 هزار، 229 ڪيوسڪ پاڻي کڻي ورتو آهي. صرف اهوئي نه، نا انصافي اها به آهي ته پهرين اپريل کان شروع ٿيل خريف سيزن ۾ 20 مئي تائين ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به نه ڇڏيو آهي، ڄڻ ڪوٽڙيءَ کان هيٺ انسان ئي نه رهندا هجن!
ڪئين ڏهاڪن کان سنڌ سان اهڙو سلوڪ ٿي رهيو آهي، ڄڻ اهو ڪو مفتوح علائقو هجي! ناڻي ۽ پاڻيءَ جي ورڇ ۾ نا انصافيءَ سنڌ کي مفلسيءَ ۽ برباديءَ جي تحت الثريٰ ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي. زرعي معيشت تي انحصار ڪندڙ سنڌ پاڻي نه هجڻ ڪري تباهه ٿي وئي آهي. سون اپائيندڙ زرعي زمينون تباهه ٿي ويون آهن. پنجاب 1991ع واري پاڻي ٺاهه تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. هڪ ته پاڻي ورڇ معاهدي جي پئرا- 2 تحت نٿي ڪئي وڃي. جيڪا لپ پاڻيءَ جي ملي ٿي، ان جو وڏو حصو لفٽ مشينون رکي پنجاب ۾ ئي چوري ڪيو وڃي ٿو. سنڌ اهو چوندي رهي آهي ته ان ئي حصي جو پاڻي گڊوءَ تي پهچائي ڏنو وڃي، پر ائين نٿو ڪيو وڃي. مٿان وري چشما- جهلم ۽ تونسا- پنجد ڪئنالن ذريعي (جيڪي فلڊ ڪينال آهن) سڄو سال پاڻي کنيو وڃي ٿو. ارسا جي ذميواري پاڻي ورڇ آهي، پر ارسا جي بي اختيار اختياري پنجاب اڳيان بيوس بڻيل آهي. ارسا ۾ سنڌ جو نمائندو ننڊ ۽ ڳهر ۾ آهي، جنهن کي 22 ڏينهن کان پاڻيءَ تي لڳندڙ ڌاڙو نظر نه آيو. سنڌ سرڪار ته سنڌ سان نا انصافيءَ واري ڪنهن معاملي تي ان وقت ڳالهائيندي آهي، جڏهن سنڌ جي حڪمران جماعت جا وفاق سان معاملا ڇڪتاڻ وارا هوندا آهن. حد ته اها آهي، جو 22 ڏينهن ۾ تونسا-پنجد لنڪ ڪينال جي ذريعي پنجاب پاڻي کڻي ٿو وٺي، اهو به شديد کوٽ وارن ڏينهن ۾، پر سنڌ سرڪار ان کان بيخبر آهي. جي واقعي به سنڌ سرڪار ان ڌاڙي کان بيخبر آهي ته اها بيخبري به هڪ وڏي “خبر” آهي. ڳالهه صرف ايتري ئي نه آهي، ڪوٽڙيءَ کان هيٺ گذريل پنجاهه ڏينهن دوران پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به نه ڇڏيو ويو آهي. پنجاب ڪوٽڙيءَ کان هيٺ پاڻيءَ کي زيان قرار ڏيندو رهيو آهي. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇڏڻ جي ڪري سنڌوءَ جي ڊيلٽا تباهه ٿي ويئي آهي، سمنڊ ۾ دريا جي پاڻيءَ جو ڇوڙ نه ٿيڻ جي ڪري سمنڊ لکين ايڪڙ زرخيز زمينون ڳڙڪائي ويو آهي. تمر جا ٻيلا ختم ٿي رهيا آهن، پلي ۽ جهينگن جو نسل خاتمي ڏانهن وڌي رهيو آهي. آبي معيشت تي انحصار ڪندڙ ماڻهو لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن. سمنڊ جي اڳتي وڌي اچڻ جي ڪري جر کارو ٿي ويو آهي. سنڌ جي معيشت ۽ ماحول جي تباهي ڇو ڀلا ڪنهن کي نظر نٿي اچي؟
اسان شديد کوٽ وارن ڏينهن ۾ پنجاب پاران ڌونس ۽ داداگيريءَ سان لنڪ ڪينالن ذريعي پاڻي کڻڻ جي عمل تي پنهنجي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪريون ٿا. اسان کي ڳڻتي ته ارسا سنڌ جي ميمبر جي بيخبريءَ تي پڻ آهي. اسان اها گهر ٿا ڪريون ته پنجاب کان واعدن ۽ معاهدن جي پاسداري ۽ انهن تي عمل ڪرايو وڃي. لنڪ ڪينالن ذريعي سسٽم مان پاڻيءَ جي چوري بند ڪرائي وڃي. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇڏڻ کي يقيني بڻايو وڃي، اهو انساني حقن جو مسئلو آهي. پاڻي جيئاپو آهي ۽ پاڻيءَ کان محروم ڪرڻ حياتيءَ کان محروم ڪرڻ جي مترادف آهي. سنڌ کي ديوار سان نه لڳايو وڃي. ياد رکڻ گهرجي ته هي ملڪ ڪنهن ٻئي سانحي جو متحمل نٿو ٿي سگهي.