ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) ٿر جي ڪوئلي جي کوٽائي لاءِ ڪم ڪندڙ سنڌ ڪول اينگرو مائيننگ ڪمپني ٿر ۾ نوان اسڪول کولڻ بدران ھلندڙ سرڪاري اسڪول حاصل ڪري ورتا، اسلام ڪوٽ جو گرلز ھاءِ اسڪول ٿر فائونڊيشن  حوالي ڪرڻ لاءِ تعليم کاتي پاران ھيڊ مسٽريس کي خط لکيو ويو، ڪوئلي جي رائلٽي مان ٿر جي ترقياتي منصوبن لاءِ قائم ڪيل ٿر فائونڊيشن پاران تعليمي لحاظ کان ٿر جي بھترين اسڪولن ۾ شمار ٿيندڙ اسلام ڪوٽ جي گرلز ھاءِ اسڪول حاصل ڪرڻ لاءِ تعليم کاتي کي درخواست ڏني ھئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ھو ته ٿر فائونڊيشن اڳ ۾ به 19 اسڪول ھلائي رھي آھي، جڏهن ته ڄاڻايل اسڪول جي ذميواري کڻڻ چاھي ٿي ته جيئن انھن اسڪولن ۾ تعليمي معيار بھتر بڻائي سگھي ۽ ٿرڪول بلاڪ ٽو جي آسپاس وارن شاگردن کي معياري تعليم فراھم ڪري سگھي، اھڙي درخواست  تي تعليم کاتي واري سيڪريٽري پاران ميرپورخاص جي ڊائريڪٽر  پرائمري  اسڪول ۽ سيڪنڊري اسڪولز  جي ڊائريڪٽر کي ليٽر لکي اسلام ڪوٽ گرلز ھاءِ اسڪول جي صبح واري شفٽ ھلائڻ لاءِ انيگرو حوالي ڪيو وڃي جنهن ڀعد ڊي اي او ٿرپارڪر پاران اسڪول جي ھيڊ مسٽريس کي خط لکي اسڪول جي صبح واري شفٽ جا انتظام تر فائونڊيشن  حوالي ڪيا وڃڻ،  واضع رھي ته اسلام ڪوٽ جي پسگردائي وارن ڳوٺڻ  ۾ گرلز ھاءِ اسڪول توڙي ڪاليجز نه ھجڻ سبب ٿرڪول بلاڪ ون ۽ ٽو سان لاڳاپيل ڳوٺن جون سوين نياڻيون تعليم کان محروم آھن.