سنڌ ڪنهن ٻوڙي؟

0
54
سنڌ ڪنهن ٻوڙي؟

  مون کي خبر آھي تھ اخبار جي پيٽ ۾ پکڙيل لفظن جي ڀري توهان جي بُکايل پيٽ ۾ گرھھ، اُداس اکين ۾ مُرڪ، زخمي پيرن ۾ جُتي ۽ ڪشتو بڻجي ويل هٿڙن ۾ ٻن رُپين جو سڪو ڪانھ رکي سگهندي ۽ مون کي اها بھ خبر آھي تھ منهنجا لفظ ڀالا ناهن جو خراب حُڪمرانيءَ جو ڀانڊو چيري، ڪرپشن جي ڪنڌ مان آر  پار ٿي وڃن ۽ ڪرپشن سان ڪناڪن غليظ حُڪمراني مِرون جيان مري پئي!

                 پر آئون توهان مٽيءَ هاڻن ماڻهن سان مخاطب آھيان، توهان وٽ ويلو ناهي ۽ مون وٽ وَس ناهي، پر پاڻ وٽ هڪ ناياب شيءَ آھي جنهن کي غيرت، ضمير ۽ احساس چئبو آھي. “بڙا ھي درد ڪا رشتھ يھ دل غريب سھي ”

                  اسان پورهيت طبقي جو ڏُک، بي وسيءَ ۽ محتاجي وڪڻي امير ٿيندڙ ڪاروباري بازار – نما هن دُنيا جي دستور جا رَت هاڻا ناپاڪ چنبا، جڏھن اسان جي ڪمزوريءَ جو ڪنڌ پڪڙي سرمائيدار بڻائيندڙ اقتدار جي سياسي پڙي ۾ وڪڻي ڇڏين تڏھن ضمير اَڻلڀ ٿي پوندو آھي. اُن ضمير جي سچائيءَ جي اڻھوند ۾  همدرد ۽ هڪ طبقي هئڻ جي ناتي سان اچو ته سورن جو شُجرو ڏسون ۽ بدحالي جي پس منظر ۾ وڃي سبب ڳوليون تھ اسان مٿان هر روز نئين سج ساڻ نوان مسئلا ڇو ٿا اچي ڪڙڪن. هڪڙا مسئلا ته اهي جيڪي صرف اکين ۾ لُڙڪ آڻين ٿا پر هڪڙا مسئلا وري نسلن جي نرالين اکين کي محڪوميءَ، غلاميءَ ۽ لاچاري جا قيدخانو بڻائي وڃن ٿا.

هي سمنڊ جو ڏيک ڏيندڙ سنڌ هڪ مسئلو نھ پر سانحو آھي، ست ڪروڙ انسانن جو الميو آھي. اچو دماغن جا دروازا کوليو، سوچيو ۽ لوچيو،  پاڻ کان سوال ڪريو تھ هي سنڌ ڪنهن ٻوڙي آھي؟، اسان جي گهرن کي گهارو ڪنهن ڏنو آھي؟، اسان جي ٻچڙن کي ڪنهن لوڙھيو آھي؟، اسان کي آڌي راتين ۾ ورهاڱي وارا منظر ڪنهن ياد ڏياريا آھن؟ اهي اهڙا سوال آھن جيڪي جڏھن بھ عام ذھن ۾ ايندا تھ يڪدم خدا، رحمت، ڏمر ياد ايندا  ۽ اسين چونداسين تھ جيڪا قدرت جي مرضي، قسمت ۾ لکيل هو، سور ڀوڳڻا هئا. پر ساڳئي وقت جڏھن اسين پنهنجي دماغ ۾ اهي سوال اڀارينداسين  تھ آفت چئبو ڇاکي آھي، قدرتي تباهي جا سبب ۽ هٿرادو تباهي جا سبب، انداز ۽ طريقا ڪهڙا آھن؟ پوءِ  وري هي سوال تھ رياست ڇا هوندي آھي، ان جا ڪم ڪهڙا آھن؟ حڪومت جو مطلب ڇا آھي؟ ، ووٽ اسان کان ڇو ورتا ويندا آھن؟ اسان جي استعمال جي هر شيءَ مان ٽيڪس ڇو ڪٽيا ويندا آھن؟ قانون ڇو ۽ ڪنهن لاءِ هوندو آھي؟ چونڊيل نمائيندا، مختيارڪار، اي سي، ڊي سي، پوليس، عدالتون ڇو ٺاهيون وينديون آھن؟ سڄي رياستي مشينري جو بُنيادي ڪم ۽ فرض ڪهڙو هوندو آھي؟ هر کاتي جي الڳ بجيٽ ڇو هوندي آھي؟ اها بجيٽ ڪٿي ۽ ڪيئن خرچ ٿيندي آھي؟ آبپاشي کاتي جو 2010ع ۾ جڏھن ٻوڏ آئي هئي تڏھن وزير ڪير هو؟ پاڻيءَ جو قانون ڇو آھي، آبپاشي کاتي کي ڇا ڪرڻو هوندو آھي؟  هن وٽ بندن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪيترا پئسا رکيا ويا آھن؟، انهن ڪم ڇو نھ ڪيو؟ آخر ڇو…؟ڇو…؟ ۽ ڇو…؟

جڏھن اهي سوال اسان کي سمجھھ ۾ ايندا ۽ پوءِ جڏھن انهن سوالن جا جواب اسان کي هٿ ايندا تھ اسين قدرتي آفت واري موقف تان هٿ کڻي وينداسين ۽ خبر پوندي تھ سنڌ کي پاڻ مرادو ٻوڙيو ويو آھي. هيستائين ٽي چار شھر مڪمل ٻُڏي ويا آھن، خيرپور ناٿن شاھھ جتان ماضيءَ ۾ مزاحمت جا تجلا ٿيا اهو شھر مڪمل ٻُڏي چڪو آھي، پر ياد رکو تھ اهو شھر برسات پوڻ کان ڏھھ ڏينهن پوءِ ايف سي بند ٽٽڻ سبب ٻُڏو آھي، جهُڏو شھر برسات کان پوءِ ايل بي اوڊي کي ھٿرادو ڪٽ ڏيڻ کان پوءِ ٻُڏو آھي، ڀان سعيد آباد کي اوچتو رات جو خالي ڪرايو ويو ، جوھي ۽ميهڙ ٻُڏندي ٻُڏندي  محنتي عوام جي ھمت سان بچيا آھن  ۽ باقي سڄي سنڌ به برسات گذرڻ کان پوءِ بند ٽٽڻ يا ڪٽ ڏيڻ سببان ٻُڏي آھي!

موجوده سنڌ حڪومت جا ڪجھھ مڪر ڀري اداڪاري ڪري سگهڻ وارا وزير چون ٿا پاڻيءَ کي لنگھھ نھ ملڻ سبب سنڌ ٻُڏي آھي؟انهن کان سوال ڪريو تھ گذريل 15 سالن کان سنڌ تي حڪومت ڪنهن جي، پاڻيءَ جي وهڪرن تي ٻنيون ڪنهن جون آباد آھن؟ ڇا اتي هارين جون زمينون آھن؟ نھ …! اتي تھ زميندارن جون آھن پوءِ اهي زميندار ڪهڙي سياسي ڌر جا آھن جواب آھي تھ پيپلزپارٽي جا آهن، پوءِ توهان انهن ويهاريل ماڻهن کي اتان هٽائي برسات اچڻ کان اڳ اهي لنگھھ سڌا ڇو نھ ڪيا؟ آبپاشي کاتي سنڌ جي حصي ۾  آيل اربين کربين رپين جي بجيٽ، جنهن مان انهن کي دريائن، شاخن، ڍنڍن، ڍورن، پراڻن جا بند ٻڌڻا هئا، پُلن جي مرمت ڪرائڻي هئي، اهو تھ ڪجھھ بھ نھ ٿيو پوءِ ڀلا اهي پئسا ڪٿي خرچ ٿيا آھن؟

هنن حُڪمرانن جا سنڌ کي ٻوڙڻ جا ٻھ نمايان سبب آھن هڪ تھ برسات کان اڳ ڪرپشن ڪري مال هڙپ ڪيائون ڪم نھ ڪيائون نتيجي ۾ سنڌ ٻُڏي، ٻيو هاڻ ٻُڏل سنڌ بُک ان ڪري پئي مري جو ٻاهرين ملڪن کان امداد اچي تھ اها ٺٺ سان ويهي کائين.

ان وچ ۾ ڪي وزير ٻُڏندڙ سنڌ جنهن ۾ لاش پيا ترن تنهن کي وينس ٿا چون، انهن کي ڪنهن بھ قسم جو ڪو بھ احساس ناهي، ڪا حفاظت، ڪو قياس، ڪا سار ناهي.

سادي ڳالھھ آھي عام فهم جي ڳالھھ آھي پر اُن کي وڏي شاتردماغي سان آفت جي عنوان ۾ لڪايو ويو آھي پر سچ هي آھي تھ سنڌ وڏي چالاڪيءَ ۽ مڪر  سان اربين رپيا هڙپ ڪري وڃڻ لاءِ ٻوڙي وئي آھي ۽ اسين بدلي ۾ سياسي شعور جي کوٽ سبب ماني نھ ملڻ جي ردعمل ۾ بُک مرندي حُڪمرانن لاءِ بي شرم ۽ بي حيا جهڙا لفظ چئي ٿا وڃون پر اهي لفظ انهن جي ضمير جي ڊڪشنري ۾ ڪا معنيٰ نٿا رکن تنهن ڪري انهي ردعمل کي مستقل مزاجي ۾ شعوري انداز ۾ تبديل ڪرڻو پوندو. سمجهڻو آھي ۽ اسان پاڻ اهو تجربو حاصل ڪيو بھ آهي تھ ايٽم بم جي طاقت جيستائين پيٽ جي بُک نٿي ختم ڪري تيستائين ان تي فخر ڪرڻ خوش فھمي آھي ۽ جيڪا جمھوريت کليل آسمان هيٺ ڇڳل کٽ اُڀي ڪري ويهندڙ متاثرين جي لاءِ ان کٽ جي ڇانوري جهڙي بھ نٿي ٿي سگهي تنهن جمھوريت جي ڊرامي تي نچڻ پاڻ سان وڏي ۾ وڏي ويساھه گهاتي ڪرڻ آھي. ان ڪري اهي ٻئي دوکا پاڻ حقيقت جي ڇڄ ۾ ڇاڻي ڏٺا آھن هاڻ بس احتساب ڪرڻو آھي، حساب ڪتاب ڪرڻو آھي، نيٺ پاڻي سُڪي ويندو، ٽينٽ سٽيز ختم ٿي وينديون پر ٿوري ويس بدليل بُک ايسيتائين حياتين جون حُسناڪيون کسيندي رهندي جيستائين خراب حُڪمراني جو ناسور ختم ڪونھ ڪنداسين.

پنهنجو ئي انتخاب جيڪڏھن پاڻ کي عذاب ۾ مبتلا ڪري ٿو تھ پنهنجو ئي انتخاب پاڻ کي آزادي، انصاف امن، روزگار ۽ خوشحالي عطا ڪري سگهي ٿو. رڳو ثابت قدمي ۽ ضمير جي سچائي جي گهرج آھي.