ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا 250 ڊيزل هائيبرڊ اليڪٽرڪ بسن جِي خريداري جِي منظوري ڏئي ڇڏي، پهرين مرحلي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپور خاص ۽ شهيد بينظير آباد ۾ بسون هلنديون، منصوبي تي 8 بلين خرچ ايندو، ٽرانسپورٽ کاتي کي جلد منصوبو مڪمل ڪرڻ جي هدايت: وڏي وزير جي صدارت هيٺ ڪابينا اجلاس ۾ مائينز ايند منرلز گورننس ايڪٽ 2020ع جي ڊرافٽ جو ٻِيهر جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏني وئي.