ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا پاران ڪراچي ۾ رينجرز جي مقرري 6مهينا ڪرڻ جو فيصلو ، سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، ڊرگ مافيا خلاف سخت آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو
سنڌ ڪابينا جو چوڻ هو ته آپريشن اينٽي نارڪوٽڪس ڪنٽرول فوس سان گڏجي آپريشن ڪيو ويندو، منشيات جي عادي ماڻهن کي بحالي مرڪزن ۾ موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو
نگران وڏي وزير جي اسٽريٽ ڪرائيم کي ڪنٽرول ڪرڻ جي هدايت، جسٽس (ر) مقبول باقر چيو ته شهرين کي تحفظ ڏيڻ حڪومت جو ڪم آهي
آءِ جي سنڌ کي اسٽريٽ ڪرائيم جي خلاف فيصلائتو آپريشن ڪرڻ جو حڪم ، سنڌ ڪابينا ڪراچي ۾ رينجرز جي مقرري 6مهينا ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي
نگران وڏي وزير چيو ته رينجرز جي مقرري 14 سيپٽمبر کان فيبروري 2024ع تائين هوندي، سنڌ ڪابينا چيف سيڪريٽري سنڌ کي آفيسرن کي ترقي ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي
هي به پڙهندا