ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه حڪومتي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ لاءِ اي-ڪابينا ايپ شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايپ ذريعي اجلاس جي تياريءَ جو وقت اڌ کان به گهٽ ٿي ويندو، جڏهن ته حڪومت جا ڪروڙين رپيا بچائي سگهبا. ايپ جي تياري کانپوءِ وزيراعليٰ هائوس ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کي وڏي وزير ٻڌايو ته رڳو ڪاغذن تي ساليانو هڪ ڪروڙ 10 لک رپيا خرچ ٿين ٿا جڏهن ته فائل ڪورز، بورڊز، تيل ۽ اسٽاف جا خرچ الڳ اهن اي-ڪابينا ايپ نه رڳو خرچ گهٽ ڪندي پر حساس معلومات جي حفاظت، وقت جي موثر استعمال ۽ اي-گورننس کي به فروغ ڏيندي. اي-ڪابينا ايپ جي خاصيتن ۾ ڪابينا جي سمرين ۽ اجلاس جي مڪمل ڪارروائي جو انتظام، ڪارڪردگيءَ جي اهم اشارن جي نگراني لاءِ ڊيش بورڊ، وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري لاءِ الڳ ڊيش بورڊ ،جيڪي سڀني کاتن جي ڪارڪردگي ڏيکاريندا ، جديد سرچ آپشنز، تاريخ، ايجنڊا يا موضوع جي لحاظ سان ڳولا جي سهولت، آف لائن موڊ هيٺ انٽرنيٽ کانسواءِ به سمرين ۽ ايجنڊا ڏسڻ جي سهولت، حسب ضرورت منظوري وارو نظام ۽ مختلف فائيل فارميٽس جي سهولت ۽ ڪابينا ڪاميٽي براءِ فنانس (CCF) جي ڪارروائي ۽ اجلاس جا منٽس به سنڀالڻ جي صلاحيت شامل آھن.