سنڌ ڪابينا جو اجلاس وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ 4 ڊسمبر تي صبح 11 وڳي ٿيندو اجلاس ۾ ٽرانس ڪراچي جي سي اِي او جي مقرري ۽ فوتي ڪوٽا تي ڀرتين وارو معاملو غور هيٺ ايندو سنڌ جي تعليمي بورڊن جي چيئرمينز ۽ سيڪريٽرين جي مقررين بابت فيصلو ڪيو ويندو سنڌ ڪول مائيننگ ڪنسيشن رولز 2020 ۾ ترميم تي به غور ويچار ڪيو ويندو صحافين جي تحفظ واري ڪميشن جو نئون چيئرپرسن مقرر ڪرڻ سميت ٻين معاملن تي غور ٿيندو.