ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) سنڌ ڪابينا جو اجلاس، ڪچي ۾ آرمي آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ ڪابينا جو اجلاس ٿيو
اجلاس ۾ صوبائي وزير، چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، آءِ جي پوليس رفعت مختار ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي، امن مان بابت صوبي جي صورتحال تي سنڌ ڪابينا کي آءِ جي سنڌ رفعت مختار بريفنگ ڏني
آءِ جي سنڌ بريفنگ ۾ ٻڌايو ته هلندڙ سال 218 ڄڻا اغوا ٿيا، 207مغوي بازياب ڪرايا ۽11 اڃا يرغمال بڻيل آهن، رفعت مختار چيو ته 11مغوين مان 3 ڄڻا شهيد بينظيرآباد، 7ڄڻا لاڙڪاڻي ۽ هڪ ڄڻو سکر مان اغوا ٿيو هو
آءِ جي سنڌ چيو ته جڏهن مان آءِ جي پوليس جي حيثيت سان چارج سنڀالي ته 57ڄڻا اغوا ٿيل هئا، هاڻي 11 آهن، مغوين ۾ نويد لاشاري جيڪب آباد، ساگر ڪمار ڳڙهي ياسين، قدير، ظهير، گلبهار ۽ شاهد ڪشمور مان اغوا ٿيا، جبار کي سکر، سومار کي حيدرآباد، فرحان ۽ شاهد کي نوشهرو فيروز مان اغوا ٿيا
نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر حڪم ڏنو ته مغوين کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي، ڪچي ۾ انٽرنيٽ سهولت ختم ڪئي وڃي، ڌاڙيلن کي سختي سان منهن ڏنو وڃي، نگران وڏي وزير پاران آءِ جي سنڌ کي مغوين جي خاندانن سان رابطي ۾ رهڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي
آءِ جي سنڌ چيو ته ڪچي جي ڪل 4لک آبادي آهي، 238 ڳوٺ آهن ۽ 8 پوليس اسٽيشنز ۽ 20 چيڪ پوسٽون آهن
نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو ته ڪچي ۾ سٺي ساک رکندڙ پوليس اهلڪارن ۽ آفيسرن کي مقرر ڪيو وڃي
وڏي وزير چيو ته جيڪي پوليس وارا سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکارين انهن کي هٽايو وڃي، گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل تي ڪم شروع ڪيو وڃي، پل ٺهي وڃي ته علائقو کلي ويندو ۽ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي ويندي
سنڌ ڪابينا پاران ڪچي ۾ پوليس ۽ رينجرز سان گڏ آرمي آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو آهي
هي به پڙهندا