سکر: موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته جون مهيني تائين 40 سيڪڙو تائين گهٽ برساتون پوڻ ۽ گرمي پد ۾ 3 کان 5 ڊگري سينٽي گريڊ تائين واڌارو اچڻ سبب درياهن توڙي واهن ۾ پاڻي جو زيان وڌي 35سيڪڙو تائين پهچي ويندو. موسميات کاتي موجب گرم موسم ۾ دريائن ۾ گهٽ پاڻي هجڻ ڪري ٻاڦ جو عمل معمول کان وڌيڪ هوندو آهي، جڏهن ته دريائي پيٽ پڻ وڌيڪ پاڻي چهي ويندا آهن، ٻئي طرف موسمياتي ماهرن جو چوڻ هو ته پاڻي زيان جو وڏو نقصان سنڌ کي پوندو، چشما وٽان ڇڏيل پاڻي گڊو تائين پهچڻ ۾ پنجن ڏينهن جو عرصو لڳائي ٿو، انهي دوران موسم سان گڏوگڏ پاڻي جي چوري ڪري سنڌ کي 43 بدران 55 سيڪڙو تائين کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو.