اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي ايگزيڪيٽو ڪاميٽي جي اجلاس سنڌو درياءَ مان ڇهه نوان ڪئنال ڪڍڻ جي تجويز کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو ۽ مطالبو ڪيو آهي ته پاڻي ضايع ٿيڻ کان روڪڻ جي لاءِ جامع قدم کنيا وڃن. سنڌ جي مقامي هارين کي پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي ايگزيڪيٽو ڪاميٽي جو ڇهون اجلاس لاهور ۾ ٿيو، اجلاس ۾ پاڻي ضايع ٿيڻ کان روڪڻ جي لاءِ جامع قدم کڻڻ جو مطالبو ڪندي چيو ويو آهي ته پاڻي جي چوري ۽ ڌاڙو هڻندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. ايگزيڪيٽو ڪاميٽي جي اجلاس ۾ بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي امن امان جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي بي اين پي مينگل ڌرڻي جي خاتمي کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو ۽ بلوچستان جي مسئلن جي حل لاءِ سياسي مهم جاري رکڻ جو عزم جو اظهار ڪندي ڳالهيون امن استحڪام جي لاءِ موثر قرار ڏنو ويو.