ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته پاڻي کوٽ سبب اسان لاءِ سڄي سنڌ کي پاڻي ڏيڻ وڏو چئلينج بڻيل آهي، جڏهن سسٽم ۾ پاڻي موجود ئي ناهي تڏهن وڌيڪ ڪئنال ڪيئن ٺاهيا پيا وڃن؟ هڪ بيان ۾ هن چيو ته پيپلز پارٽي، سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جو عوام ڪئنالن جا سخت مخالف آهن، هن وڌيڪ چيو ته سنڌو درياءَ تي ٺهندڙ 6 نون ڪئنالن جي حمايت ڪندڙ اڄ پيپلز پارٽي خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن، سنڌ حڪومت اڃا تائين نون ڪئنالن واري منصوبي کي ايڪنڪ مان منظور ٿيڻ ناهي ڏنو، اهو معاملو اڃا تائين رڪيل آهي، هن چيو ته پيپلز پارٽي وفاق اڳيان واضح موقف رکيو ويو آهي ته اهو مسئلو ايترو آسان ناهي جيترو وفاق سمجهي ٿو، هن چيو ته 6 ڪئنالن مان هڪ وڏو ڪئنال گريٽر ٿل ڪئنال به آهي، جنهن کي فيبروري 2022ع ۾ پي ٽي آءِ پاران منظور ڪيو ويو هو ، انهي خلاف پيپلز پارٽي پاران سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد منظور ڪرائي وئي، هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت ايڪنڪ مان به گريٽر ٿل ڪئنال جي منظوري ورتي هئي، جنهن تي اسان گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ وياسين، جنهن بعد اهو منصوبو رڪجي ويو، هن چيو ته چولستان ڪئنال اڃا تائين ايڪنڪ مان منظور ناهي ٿيو،پيپلز پارٽي ان منصوبي کي اڳتي وڌڻ ناهي ڏنو،  هن چيو ته اڄ جيڪي به چولستان ڪئنال جي مخالفت ڪري رهيا آهن، انهن جا حمايتي گوگل تي وڃي ڏسن ته گريٽر ٿل ڪئنال جا حمايتي ڪير هئا؟  هن چيو ته پيپلز پارٽي گريٽر ٿل ڪئنال  خلاف به آواز اٿاريو،  اڄ باقي پنج ڪئنالن  خلاف به آواز اٿاري رهي آهي، نوان ڪئنال سنڌ لاءِ تمام وڏا نقصانڪار آهن، پيپلز پارٽي انهن تي ڪڏهن به خاموش نه ويهندي.