ميهڙ(ن پ ا) عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ سرتاج چانڊيو عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن  شير محمد چانڊيو ايڊووڪيٽ راجا غلام مصطفي چانڊيو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته سنڌ کي پارٽين جي فرق بنا گڏ ڪنداسين، هن وقت سنڌ سنڌو درياءَ کي بچائڻ خاطر ڪر موڙي اٿي رهي آھي ھنن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي سنڌ ۽ سرائيڪي وسيب جون لکين ايڪڙ زمينون فوجين کي ڏنيون پيون وڃن جنهن سان مقامي هارين جو استحصال ٿيندو ھنن چيو ته سنڌو درياء مان 6 ڪئنال ڪڍڻ سان لکين سالن جي تهذيب ميسارجي ويندي اسان سڄي سنڌ کي جاڳائڻ جي جدوجهد ڪريون پيا ھنن چيو ته پيپلز پارٽي جيڪڏهن سنڌ سان سچي ۽ مخلص آھي ته اها نوازليگ جي وفاقي حڪومت کان فوري طور  علحدگي جو اعلان ڪري ٻي صورت ۾ سنڌ جا ماڻھو پيپلز پارٽي جي ڪنهن به نام نهاد احتجاج کي صرف هڪ ڊرامو سمجهندا.