سنڌ کي وڪوڙيندڙ قبيلائي دهشتگرديءَ جو آڪٽوپس

0
26
سنڌ کي وڪوڙيندڙ قبيلائي دهشتگرديءَ جو آڪٽوپس

حڪمرانن جون گڊ گورننس جون دعوائون اکين تي، پر حقيقت اها آهي ته سنڌ ۾ قانون جي عملداري خوردبين سان ڳولهئي به نظر نٿي اچي. سنڌ قبيلائي خونريزيءَ سبب مقتل بڻجي وئي آهي پر اسان جي حڪمرانن جي ترجيح امن امان رهي ئي نه آهيئ اهو ئي سبب آهي، جو سنڌ بي امني ۽ رتوڇاڻ جي ور چڙهيل آهي. روح کي رهڙيندڙ تازي خبر اها آهي ته، سکر جي قريشي ڳوٺ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 4 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن. پوليس موجب، واقعو جتوئي- کوسا ڌرين ۾ تڪرار تان پيش آيو. ان کان هڪ ڏينهن اڳ هٿياربندن ڪنڌڪوٽ ۾ فائرنگ ڪري پلاند ۾ صحافيءَ جي ڀائٽي سميت ٻن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو. هاڻي ته حڪمران جشن ملهائڻ مان واندا ٿيا هجن ته سنڌ جي امن امان ڏانهن به ڌيان ڏين.

قبيلائي تڪرارن سنڌ جي ايڪي کي گهڻو هاڃو رسايو آهي. ڳرا ۽ خطرناڪ هٿيار اڳ ۾ ته ڪچي جي ڌاڙيلن وٽان ملندا هئا پر هاڻ اهي ڪچي جي ڳوٺن مان پڻ ملڻ لڳا آهن، جيڪي اتي ڪيئن ٿا پهچن، ان جي حوالي سان اختياريون ڪو نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهن ۽ نه ئي انهن خطرناڪ هٿيارن جي وڪري ۽ پهچ جا گس، گهٽ گهيڙ بند ڪيا وڃن ٿا. سنڌ جي ڪچي وارن علائقن سميت ڪيترن ئي ضلعن ۾ برادرين جي وچ ۾ خوني تڪرار هلندڙ آهن، جن ۾ پڻ خطرناڪ هٿيارن جو استعمال ٿئي پيو پر اهي هٿيار ڪٿان ٿا اچن ۽ ڪير ٿو خريد ڪري؟ ڇو ته هن مهانگائي جي دور ۾ ماڻهو ٻن ويلن لاءِ پريشان آهن، اهڙي صورتحال ۾ انهن کي ڪير پيو مجبور ڪري ته اهي زمينون وڪڻي پنهنجي ڪُل پونجي سيڙائي هٿيار خريد ڪن؟ انهن ۾ اهو عدم تحفظ ۽ خوف ڪير پيو پيدا ڪري ۽ انهن جي پٺيان ماڻهن تي اعصابي ۽ نفسياتي جنگ مڙهڻ پٺيان ڪهڙا مقصد آهن؟ سنڌ ۾ هن وقت قبيلائي دهشتگردي به وڏو مسئلو بڻيل آهي. ايئن ته عرب جي دور جاهليت ۾ ٿيندو هو جو قبيلن جي وچ ۾ دشنمينون ڪئين پيڙهين تائين هلنديون هيون ۽ هڪ پيڙهيءَ جا بدلا ۽ پلاند ٻي پيڙهي وٺندي هئي. هاڻي ته هتي اسان وٽ به صورتحال انهن پيچرن تي پئي وڃي، جو هتي قبيلائي جهيڙا ختم ٿيڻ جو نالو نه پيا وٺن. اسان اڳ به هنن ئي ڪالمن ۾ اهو چوندا رهيا آهيون ته هتي قبيلائي ڀوتار جهيڙن کي هُشي ۽ هٿيارن جي آڪسيجن کي زنده رکندا اچن، انهن مان اڪثر يا ته اليڪٽيبلز آهن يا وري اليڪٽيبلز جا سهولتڪار يا انهن جا ساٿاري ۽ اهي خوف ۽ ڏهڪاءُ پيدا ڪري پنهنجي برادريءَ کي پاڻ سان گڏ رکڻ لاءِ اهي جهيڙا ڪرائيندا آهن ته جيئن انهن جو ووٽ بينڪ سلامت رهي.

اسان پاڻ کي قوم سڏايون ٿا ۽ قبيلو ته ارتقا جي ادنيٰ درجي تي هوندو آهي، پر هتي ته سڄي اُڻت قبيلائي نظر ايندي. اهي ئي ڪيترين پيڙهين کان هلندڙ قبيلائي جهيڙا، اهي ئي عورتن جي قتل جا واقعا. اهي ئي ماڻهن جا اغوا. ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ سنڌ روانڊا جي راهن تي هلي پئي هجي! سنڌ جي منتظمين کي ته ڪا به پرواهه ناهي. اهي اهو رت روئاڙيندڙ لقاءُ وڏي عرصي کان انتهائي ‘عفو ۽ درگذر’ جو مظاهرو ڪندي ڏسندا رهيا آهن، ڄڻ ته امن امان انهن جي آئيني ۽ منصبي ذميواري ئي نه هجي! ائين تي قديم زمانن ۾ تڏهن ٿيندو هو، جڏهن اڃا رياست جو وجود نه هوندو هو، جڏهن وسندين تي لشڪر هلان ڪندا هئا، لُٽ مار ڪري، ماڻهو ماري وستين کي تاراج ڪندا هئا. ڳوٺن ۽ شهرن کي اجاڙي ڇڏيندا هئا. تڏهن نه ڪو قانون هوندو هو ۽ نه ئي ڪا مرڪزي حڪومت. هن جديد دور ۾ سنڌ ۾ اهي قديم زمانن واريون حالتون ڇو آهن؟ اسان اڳ به هنن ئي ڪالمن ۾ اهو چوندا رهيا آهيون ته، سموري قبيلائي دهشتگرديءَ، ڀُنگ خاطر اغوا، عورتن جي قتل سميت ڏوهن جي راڪاس جو جنهن طوطي ۾ ساهه آهي، ان طوطي جو نالو آهي ‘اشرافيه’. اها ڏوهن جي سرپرستي ڪندڙ ‘اشرافيه’ آهي، جنهن جا حامي ۽ حمايتي، اختيار ۽ اقتدار جي ايوانن ۾ ويٺل ٿا محسوس ٿين، ڇو ته جڏهن ان ‘طوطي’ جي ڪنڌ ۾ هٿ وجهڻ ۽ ان جو ڳاٽو مروڙڻ لاءِ آواز اٿن ٿا ته ان تي عمل ۾ به اهي ئي رڪاوٽ بڻيل آهن. ان ڪري حڪمرانن کي اسان اهو چوڻ جي ضرورت ٿا محسوس ڪريون ته، سنڌ ۾ قانون جي عملداريءَ کي يقيني بڻايو وڃي. جهيڙيندڙ ڌرين کي بي هٿيار ڪيو وڃي.