ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) خانگي شعبي کي بسن جي خريداري لاءِ آسان قرض ڏيڻ ۽ صوبي لاءِ وڌيڪ 500 بسون خريد ڪرڻ لاءِ روٽ فزيبلٽي تيار ڪرڻ جي ھدايت، ڪالھ ناڻي واري نگران صوبائي وزير محمد يونس ڍاڳا کي ٽرانسپورٽ کاتي جي آفيسرن سندس آفيس ۾ بريفنگ دوران ٻڌايو ته ورلڊ بينڪ جي رپورٽ موجب ڪراچي جي گڏيل ٽرانسپورٽ نظام لاءِ ڪل 15 هزار بسن جي ضرورت آهي جڏهن ته هن وقت شهر جي روڊن تي صرف 1029 بسون فعال آهن جن ۾ پيپلز بس سروس جون 240 بسون، بي آر ٽي جون 100 بسون ۽ خانگي شعبي جي تحت هلڻ واريون 689 پراڻيون بسون شامل آهن، جڏهن ته صوبي لاءِ 500 وڌيڪ بسن جي خريداري لاءِ روٽ فزيبلٽي تي ڪم جاري آهي ٻڌايو ويو ته ورلڊ بينڪ جي هن رپورٽ جي روشني ۾ هن وقت ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي لڳ ڀڳ 13 هزار وڌيڪ بسن جي ضرورت آهي.

بريفنگ دوران نگران صوبائي وزير محمد يونس ڍاڳا هدايت ڪئي ته ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبن تحت خانگي شعبي کي اڳتي آندو وڃي. جنهن تي نگران وزير کي ٻڌايو ويو ته ٽرانسپورٽ کاتي پاران خانگي شعبي کي اڳتي آڻڻ لاءِ انڊوومينٽ فنڊ قائم ڪري خانگي ٽرانسپورٽرن کي آسان قرض فراهم ڪرڻ جي منصوبي تي غور ڪيو پيو وڃي ۽ ان حوالي سان اهو به تجويز ڪيو ويو آهي ته انهن قرضن تي مارڪ اپ جي شرح زيرو به رکي سگهجي ٿي.