ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث جاري حڪومتي ڌُر ۽ اپوزيشن ميمبرن پاران هڪٻئي تي تنقيد، پيپلزپارٽي ميمبرن مخالف جماعتن ڏانهن اشاروڪندي چيو ته جيڪڏهن اهي ضياءُ جو ساٿ نه ڏيڻ ها ۽ شهيد ڀٽو جي حڪومت ختم نه ٿئي ها ته ملڪ وڏي ترقي ڪري ها. مخالف ڌُر پاران چيو ويو ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن جو راڄ آهي. ٻوڏ متاثرن لاءِ اڏيل 5 لک گھر ڪٿي ٺهيا آهن؟ ڪالهوڪي اجلاس ۾ ورڪس واري وزير حاجي علي حسن زرداري چيو ته هلندڙ سال 344 اسيڪمين هيٺ 935 ڪلو ميٽر روڊ مڪمل ڪيا ويندا. وفاقي پي ايس ڊي پي تحت 142 ارب رپين جا 573 ڪلو ميٽر ڊگها 5 روڊ تعمير ڪرايا ويندا. ڪراچي ۾ به ڪجهه ڪم ڪيا آهن ٻيا به ڪم ڪرايا ويندا، صوبائي وزير اڪرام ڌاريجو چيو ته سنڌ اندر 18 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي سڀني جماعتن کي گڏجي آواز اٿارڻ گھرجي. هن چيو ته گھوٽڪي کي مڪمل يونيورسٽي ڏني وڃي، گھوٽڪي تعلقي اسپتال کي به اپ گريڊ ڪيو وڃي. پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي جي ويٽنگ اميدوارن کي ڀرتي ڪيو وڃي. جماعت اسلامي جي ميمبر محمد فاروق چيو ته ڪراچي جا 3 هزار ارب ٽيڪس ڏيندڙ 60 سيڪڙو شهري پاڻي کان محروم آهن. موٽروي جي ضروت آهي پر ڪراچي لا ڪي 4 به ضروري آهي. سڀني کي خبر آهي ته ٽينڪر مافيا کي ڪير سپورٽ ڪري پيو؟ سنڌ جا 80 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، سڀ کان وڏي ڪرپشن تعليم ۽ صحت کاتم ۾ ٿئي ٿي. هن چيو ته سيف سٽي نامڪمل آهي، ڪچي ۾ ڌاڙيلن جو راڄ آهي. ٻوڏ سٽيلن لاءِ اڏيل 5 لک گھر ڪٿي ٺهيا آهن؟ پ پ امداد پتافي چيو ته پ پ خلاف ڪرپشن جي ڪوڙي پروپئگنڊا ڪئي وڃي ٿي، ڪراچي شهر جو ديوارون ايم ڪيو ايم جي ڪري ڳاڙهيون ٿيل آهن، هن چيو ته اردو ڳالهائيندڙ 70 سال اڳ هتي آيا، ڪراچي شهر بمبئي کان وڌيڪ روينيو ڏيندڙ هو. پ پ جي آغا سراج دراني چيو ته مخالفن کي چوندس ته ڇا انهن جو ڪو ليڊر ڦاهي چڙهيو آهي؟ سپريم ڪورٽ پاڻ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪيس غلط هو. پ پ جي نثار احمد کهڙو سنڌ کي وفاق کان 100 ارب رپيا گهٽ مليا آهن، بجلي نه ٿي اچي، مٿان وري سولر تي ٽيڪس لڳائي غريبن مٿان بم ڪيرايو ويو آهي، ڇا غريب سولر پليٽ به خريد نه ڪن، ٻڌايو وڃي ته حيدرآباد سکر موٽروي رٿا 15 ارب رپين ۾ ڪيئن ٺهندي؟ زراعت واري وزير محمد بخش مهر چيو ته اينٽي ڪرپشن کاتي جي آءِ بي اي سکر ذريعي ڊجيٽلائزيشن ڪرائي آهي بحالي واري وزير مخدوم محبوب چيو ته ريسڪيو 1122 جي سروس هاءِ ويز تي به ڏني وئي آهي. موبائل هيلٿ ڪيئر يونٽ قائم ڪيا آهن.
ڪراچي: چوپائي مال جي وزير محمد علي ملڪاڻي ٿر جي اٺن جي بريڊنگ لاءِ ريسرچ سينٽر قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته جيڪي ڍڳيون ۽ مينھون ڪراچي جي ڊيري فارم تي اچن ٿيون، انھن کي ذبح ڪيو وڃي ٿو، اسان انھن کي پنهنجي فارم ھائوس تي رکي پالنا ڪنداسين. هن چيو ته ڪراچي فش ھاربر جي بحالي لاءِ ڪم ڪريون پياته جيئن پاڪستان جي سي فوڊ کي يورپي يونين جي منڊي تائين پھچائي سگھون. وفاق هتان 500 ملين ڊالر ڪمائي ٿو، اسان وفاق کان مطالبو ڪريون ٿا ته فش ھاربرز جي حوالي سان مدد ڪئي وڃي. ٻئي طرف سنڌ اسيمبلي پاران بجيٽ سيشن دوران اسيمبلي ملازمن جون ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن واريون موڪلون رد ڪيون ويون آهن. جاري ڪيل سرڪيولر موجب بجيٽ سيشن سبب سمورن شعبن جا ملازم ڇنڇر ۽ آچر تي حاضر رهن.