مشھور چوڻي آھي تـه، “تِر جي گٿي سئو چوٽون کائي”. مطلب تہ ٿورڙي لاپرواھي بار بار نقصان رسائيندڙ ثابت ٿيندي آھي. ھڪ غلط وک کڻڻ سان ان جي پويان سڀ وکون غلط کڄنديون وينديون آھن. اھي سياڻن جا قول سماجي حقيقتن تي مبني ھجن ٿا، جيڪي مشاھدن ۽ تجربن جو نچوڙ ھوندا آھن. ھن وقت تـه سنڌ ۾صورتحال اھڙي آھي جو تِر جي گٿي کان وڌيڪ اسين تمام ـگھڻيون غلطيون ڪري چڪاآھيون. اھا به حقيقيت آھي تـ صدين کان سنڌ تي ٻاھران ڪاھن ۽ حملن جي نتيجي ۾ سنڌ جون جاگرفيائي حدون سوڙھيون ٿينديون رھيون آھن، وسيلن تي قبضا به ٿيا. سنڌ گھڻو ڪجھ وڃايو پر پنھنجي ٽقافتي ۽ تھذيبي سڃاڻپ سنڀاليندي رھي. ان ڳالھ جي خبر نٿي پوي ۽ شايد ڪير غور بـه نٿو ڪري تـه ھي حالتن جي ڏور ڪيئن آھستي آھستي ھٿن مان ڇڏائجندي وئي آھي، جو ھاڻ گھڻو ڪجھ وڃائڻ کانـپوءِ صرف پنھنجي بقا جي جنگ وڙھڻي آھي. دنيا ۾ ھن وقت ھٿيارن جي پر اقتصادي جنگ جاري آھي. ھاڻي اقتصادي ناتا مستقبل جي خارجا پاليسي طئي ڪندا. اسان وٽ ھن وقت سنڌ ۾ جيڪا سياسي صورتحال آھي، ان ۾ سمجھ ۾نٿو اچي تـه ايندڙ وقت لاءِ سنڌ وٽ ڪھڙي منصوبابندي آھي؟ سڄي دنيا ۾ وڏي پيماني تي ايندڙ تبديلين ۾ سنڌ جي بقا لاءِ ڪھڙا وسيلا آھن. پنھنجي وطن ۾ اسين ڳڀي جي ڳولھا ۾ مارجون پيا. خيرات وٺڻ لاءِ قطارن ۾ بيھي پيھجي زندگيون وڃايون پيا. اٽي لپ لاءِ ڪسجون پيا، روزگار نه ھجڻ جي ڪري مايوس ٿي خودڪشيون پيا ڪريون. پنھنجي وطن ۾ غلامن جھڙي زندگي جيئون پيا، ڄڻ تـه ڌرتي جا حقدار نه ھجون!
31 مارچ تي “پنھنجي اخبار” ۾ ٻـه وڏيون نمايان خبرون لڳل ھيون. ھڪ خبر وفاق پاران سنڌ جي ٻيٽن جي حوالي سان ھڪ فيصلي جي ھئي ۽ ٻي خبر ھئي غير ملڪي پناھگيرن کي پاڪستاني شھرين جي برابر حقن ڏيڻ جي باري ۾. پھرين ذڪر ڪريون ٿا پھرين خبر جي حوالي سان. ڪجھ وقت پھرين عمران خان جي حڪومت ۾ جڏھن سنڌ جي ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن بابت وفاق پاران قبضي جون ڳالھيون ھليون ته سڄي سنڌ ۾ زبردست احتچاج ٿيا. سنڌي قوم پرست تنظيمن پاران احتجاج ڪيا ويا ۽ ڪجھ ڌريون تـه ٻيڙا ڪاھي ٻيٽن تي به ويون. مقامي ماڻھن جا انٽرويو پڻ ٻڌڻ ۾ آيا. سڄي قوم احتجاج ڪيو پر شايد ان شديد احتجاج کي نظرانداز ڪري عوامي طور تي رد ٿيل منصوبي متعلق ھي خبر گھڻو ڪجھ سوچڻ تي مجبور ٿي ڪري. ھن خبر جي تفصيل ھن ريت آھي: “قومي اسيمبلي کان پوءِ سينيٽ ۾ به سنڌ جي احتجاج کي نظر انداز ڪندي ٻيٽن جي مالڪي وفاق حوالي ڪرڻ، سامونڊي مصنوعي ٻيٽن تي اڪنامڪ زون ٺاهڻ جا اختيار وفاق کي ڏيڻ لاءِ ترميمي بل پيش، بل وڌيڪ غور لاءِ ڪاميٽي حوالي. سينيٽ اجلاس ۾ ناڻي جي وفاقي وزير اسحاق ڊار پاڪستان ميري ٽائيم زونس بل 2023ع پيش ڪيو، جيڪو بل 3 فيبروري تي قومي اسيمبلي منظور ڪري سينيٽ کي اماڻيو هو، جنهن کي سينيٽ ۾ پيش ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ غور لاءِ سينيٽ جي لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪاميٽي کي اماڻيو ويو آهي. پيش ڪيل پاڪستان ميري ٽائيم زونس بل 2023ع ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ميري ٽائيم زونس ايڪٽ 2023ع منظوري کان پوءِ فوري طور تي لاڳو تصور ٿيندو، بل جي شق 3 ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت سرڪاري گزيٽ ذريعي سامونڊي علائقن، ان سان لڳندڙ زونن، خصوصي اڪنامڪ زون، سمنڊ جي تهه جون حدون طئي ڪري سگهندي، بل جي سيڪشن 6 جي شق 8 ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت يا ان پاران تجويز ڪيل اٿارٽي کي واپار لاءِ استعمال ٿيندڙ غيرملڪي جهازن کي ضابطي جي ڀڃڪڙي تي پاڪستاني سامونڊي حدن مان ڪڍڻ جو اختيار هوندو، منظور ٿيل بل جي سيڪشن 8 کي خصوصي معاشي زونن جي نالي سان شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت کي مصنوعي ٻيٽن، سمنڊ سان ٽرمينلز، ٻيون تنصيبات ۽ اسٽرڪچر ۽ آلات جيڪي زون جي وسيلن سان تلاش لاءِ ضروري هجن، انهن بابت تعمير، مينٽيننس ۽ آپريشن جو حڪومت کي اختيار حاصل هوندو. خصوصي معاشي زون جي نالي سان شامل ڪيل سيڪشن 8 جي شق 3 ۾ چيو ويو آهي ته ڪو به شخص يا ڪمپني، غير ملڪي حڪومت وفاقي حڪومت جي اجازت سان خصوصي معاشي زونن جي ڪنهن به وسيلي کي تلاش يا ان جو فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو. ڪا تحقيق، ڊرل يا مصنوعي ٻيٽن تي انفرا اسٽرڪچر تعمير ڪري سگهي ٿو ۽ ان کي هلائي سگهي ٿو، جي سيڪشن 10 کي حفاظتي زونن جي نالي سان شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت مصنوعي ٻيٽن، سمنڊ تي ٽرمينل، تنصيبات ۽ ٻي تعميرات ۽ آلات جي ڀرپاسي سان حفاظتي زون قائم ڪري سگهندي، جيڪي وفاقي حڪومت پاران جاري ڪيل لائسنس تحت ڪنهن شخص، ڪنهن ڪمپني پاران خصوصي زونن ۽ سامونڊي پاڻي ۾ انفرا اسٽرڪچر تعمير ڪيا ويندا، انهن کي برقرار رکڻ ۽ هلائي سگهڻ جا اختيار وفاقي حڪومت جا هوندا، اهڙي قانون جي ڪو به شخص ڀڃڪڙي ڪري ته اهو ڏوهه تصور ٿيندو. ان شخص کي بنا وارنٽ جي گرفتار ڪري سگهبو.”
سوال ھي آهي ته ڇا سنڌ جي مزاحمت جي ڪا اھميت ناھي؟ يا اسان جي احتجاج ۾ اھا سگھ نه آھي؟ 18هين ترميم کانـپوءِ به عملي طرح سان سنڌ جا وسيلا مڪمل طور تي سنڌ حوالي ته نه ٿيا آھن پر آھستي آھستي اسين ڌرتي جي مالڪـي پڻ وڃايون پيا. سنڌ جي خوشحالي جا خواب ڏسندڙ اکيون ڄڻ ته پورجنديون پيون وڃن. ھاڻ بچيو آھي صرف ۽ صرف کوکلو مفاد. نه سنڌ جي سياست ڪنھن دڳ تي ٿي رسي، نه وري ڪا جدوجھد ڪاميابي ٿي ماڻي. اسين اڌ رستي ۾ مفاد پرست ٽولن ھٿان لٽجي ٿا وڃون.
ائين ٿو محسوس ٿي تـ اسان جي سياسي تنظيمن وٽ ڪو به لائحهء عمل موجود نه آھي. صرف پنھنجي سياسي جيئاپي لاءِ چند ڏينھن لاءِ ماڻھن کي جذباتي ڪري رستن تي بيھاري وري اڌ رستي تي ڇڏي ٿا وڃن. اسين ڄڻ تـه ڪا بنا سڙھ جي ٻيڙي ھجون، جنھن جو رخ صرف ھوائن جي آڌار تي ھجي. صرف ڪنھن ھڪ معاملي تي قوم کي احتجاج لاءِ گڏ ٿو ڪيو وڃي پر مڪمل سياسي ايجنڊا ۽ منصوبا بندي نظر نٿي اچي. ھڪ طرف اسان جي ڌرتي تي وار آھن تـه ٻئي طرف اسان جي ٻولي، اسان جي تھذيب، اسان جو ڪلچر به ھٿن مان وڃي پيو.
غير ملڪين يا پناهگيرن سان انسانيت جي ناتي انساني حقن مطابق کوڙ ھمدرديون ٿي سگھن ٿيون ۽ انھن جي حقن کي به مڃجي پر اھا به حقيقت تسليم ڪجي تـه جنھن گھر ۾ ڏھن ماڻھن جي رھائش جي گنجائش ھجي، اتي ھزار ماڻھن کي رھائڻ ڇا گھر ڀاتين سان نا انصافي نـاھي؟ ڇا لکن جي تعداد ۾ سنڌ ۾ ايندڙ افغانين اسان جي وطن ۾ دھشت گردي نـ ڪئي آھي؟ ڇا اھي ڏوھن ۾ ملوث نـاھن؟ ڇا انھن اسان جي ڪلچر ۽ تھذيب تي اثر نه وڌو آھي؟ ڇا اھي اسان وٽ خوف جي علامت نـاھن؟!
هڪ ٻي خبر جيڪا توھان ضرور پڙھي ھوندي پر وري توھان جي ڌيان تي آڻڻ چاھيان ٿي: “فاٽا سان تعلق رکندڙ ميمبر محسن داوڙ پاڪستان ۾ رهندڙ غير ملڪي پناهگيرن کي پاڪستاني شهرين جهڙيون سهولتون ۽ حق ڏيڻ جو بل پيش ڪري ڇڏيو. بل وڌيڪ غور لاءِ لاڳاپيل ڪاميٽي حوالي. محسن داوڙ پاران ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ پاڪستان ۾ رهندڙ غير ملڪي پناهگيرن کي پاڪستاني شهرين جهڙيون سهولتون ڏيڻ لاءِ بل پيش ڪرڻ جي اجازت گهري ته وفاقي حڪومت پاران ان جي مخالفت نه ڪئي وئي، جنهن ڪري ان بل کي وڌيڪ غور لاءِ لاڳاپيل ڪاميٽي کي اماڻيو ويو. پيش ڪيل بل 25 صفحن تي ٻڌل ۽ 50 سيڪشنن تي مشتمل آهي. بل ۾ چيو ويو آهي ته هن بل کي قومي رفيوجي قانون 2023ع جي نالي سان سڏيو ويندو. پاڪستان ۾ رهندڙ ڪنهن به مهاجر کي مهاجر جي حيثيت ۾ پاڪستان جي ڌرتي تان ڪنهن به طريقي سان زبردستي ڪنهن اهڙي ملڪ ۾ واپس يا بي دخل نه ڪيو ويندو، جتي ان جي جان، آزادي، نسل، مذهب، قوميت، سياسي راءِ کي خطرو لاحق هجي يا مهاجرن کي اهڙي ملڪ جتي عمومي تشدد، غير ملڪي جارحيت، اندروني تڪرار، انساني حقن جي وڏي پيماني تي ڀڃڪڙين يا امن امان جي حوالي سان سنگين خطرا هجن. مهاجرن کي اهڙي ملڪ ۾ به واپس نه موڪلي سگهبو، جتي کين موت جي سزا يا غير انساني ذلت آميز سلوڪ جو خطرو لاحق هجي، بل ۾ وڌيڪ تجويز ڏني وئي آهي ته پاڪستان ۾ غير قانوني طور تي داخل ٿيل يا رهندڙ مهاجرن جي حيثيت ۾ درخواست ڏيندڙ کي سزا نه ڏني ويندي. اگر هو دير سان مهاجر جي حيثيت ۾ درخواست جمع ڪرائي ۽ ان جي مناسب وضاحت پيش ڪري، مهاجر جو درجو حاصل ڪندڙ جي گهر واري يا 18 سالن کان گهٽ عمر جا ٻار به مهاجر تصور ٿيندا. انهن جي نابالغ ڀينرن ۽ ڀائرن کي به مهاجر تصور ڪيو ويندو. مهاجرن جو هن بل جي منظوري کان پوءِ خصوصي خيال رکيو ويندو. مهاجرن جي سهولت لاءِ سرحدي مامرن جي وزارت جي ماتحت مهاجرن بابت ڪميشن قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جنهن مهاجرن بابت ڪميشن جي سربراهه طور هڪ ڪمشنر مقرر ٿيندو، گهرو، پرڏيهي، تعليم، سماجي ڀلائي، انساني حقن، قانون بابت وفاقي وزارتن سوڌو صوبائي حڪومتون به مدد ڪنديون. پناهگير جي حيثيت ۾ درخواست ڏيندڙ لاءِ پاڪستان جي زمين رهڻ جي قابل بڻائي ويندي، کين گرفتاري کان بچائڻ لاءِ مفت دستاويز جاري ٿيندا، کين مفت قانوني معاونت جي سهولت به فراهم ڪئي ويندي، حڪومت ڪنهن پناهگير جي ملڪيت خلاف قدم نه کڻندي، پاڪستاني شهرين وانگر حقن جي آزادي هوندي، پاڪستان ۾ پنهنجي رهائش لاءِ جڳهه جي چونڊ ڪرڻ جو حق حاصل هوندو، پاڪستان ۾ رهندڙ پناهگير ۽ غير ملڪي مهاجرن تي ڪنهن به قسم جي عام پاڪستانين کان اضافي ڪا ٽيڪس يا في لاڳو نه ڪئي ويندي”.
کوڙ سوال کوڙ اعتراض ٿي سگھيا ٿي پر محسن داوڙ کي اھو بلـ پيش ڪرڻ ڏنو ويو. شايد اھوبه ڪو خفيه طئي شده منصوبو ھجي. خبر نـه آھي ته اسان وٽ عظيم تر ملڪي مفاد ھميشه لڪل ھٿن ۾ ڇو ھوندو آھي؟ اھو ڪھڙو مفاد آھي، جنھن جي ڪاميابي ڌرتي ڌڻين جي بربادي ۾ لڪل آھي؟ سنڌ کي ۽ سنڌ جي وسيلن کي ڀڳڙن مٺ کپائجي، مزاحمت ڪندڙ گم ڪيا وڃن ۽ سڄي ملڪ ۾ لکين ڪروڙين ڌاريا آباد ڪجن! ڇو ته غير ملڪي جيڪي اسان وٽ پناھ لاءِ ايندا، اھي ڪڏھن به ڪنھن به زيادتي ۽ نا انصافي تي ڪڇندا ڪونه. جيڪي انھن کي آباد ڪندا، ھو انھن جي ئي ٻولي ڳالھائيندا ۽ انھن کي ئي مستقبل ۾ ووٽ ڪندا. ھو ڌرتي تي لڳل راتاھي تي ڪا بـه مزاحمت نـه ڪندا، ڇو ته ھو پناھ ڏيندڙن جا احسانمند رھندا.
ھن وقت ملڪـ جون معاشي توڙي سياسي حالتون انتشار جو شڪار آھن ۽ ملڪ بنا ڪنھن منصوبـا بندي جي ھلايو پيو وڃي. وسيلا پيدا ڪرڻ جي بجاءِ پنھنجن وسيلن کي کپايو پيو وڃي. ھڪ طرف پبلڪ- پرائيويٽ پارٽنرشپ جي تحت ادران کي خانگاھڻ جو عمل جاري آھي. صحت کاتي ۾ خانگاھڻ جي شروعات ٿي چڪي آھي. تعليمي ادارن جي حوالي سان به ابتدا ڪرڻ جون تياريون ٿي چڪيون آھن. تازو تعليمي بورڊن جي حوالي سان به خبرون ھلن پيون تـه امتحان وٺڻ، پيپر تيار ڪرڻ ۽ امتحاني ڪاپيون چيڪ ڪرڻ جا ڪم ڪنھن ٿرڊ پارٽي کي ٺيڪي تي ڏنا ويندا. ٽين ڌر تعليمي بورڊ جا امتحان منعقد ڪرائيندي. ان سلسلي ۾ به سڄاڻ ڌرين ۾ تشويش موجود آھي.
ھن وقت حڪومت ۽ رياست وٽ عوام کي ڏيڻ لاءِ ڪو کوکلو نعرو بـه نـه بچيو آھي. ھاڻ ھو پاڻ کي بچائڻ لاءِ گھر کي وڪڻڻ لڳا آھن. اھا تـه انھن جي جيئاپي جي ڪوشش آھي، جيڪا ڪاميابي طرف وڃي رھي آھي پر قوم جنھن ڊگھي غلامي جي دٻڻ ۾ ڦاسي رھي آھي، ان مان نڪرڻ لاءِ ڪا واھ نظر نٿي اچي. پاڻ کي ھن وقت ڪنھن به عارضي ۽ وقتي ويڙھ جي بجاءِ پنھنجي ڌرتي، پنھنجي سڃاڻپ، پنھنجي جيئاپي جا وسيلا بچائڻ لاءِ سياسي شعور، سياسي مزاحمت، سياسي اتحاد جي ضرورت آھي. اھڙو اتحاد، جيڪو عارضي ۽ چند معاملن جي بنياد تي نه پر سڄي سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جي مفادن سان گڏو گڏ سڄي ملڪ جي بچاءَ لاءِ ھجي.