سنڌ کي قنڌارئون نئين جوکي جو انديشو

0
76

 گذريل ٻن هفتن اندر افغانستان اندر تڪڙيون اڳڀرايون ٿيون آهن، جيڪي افغانستان جي آئيندي ۽ ان جي پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ مٿان اثرن بابت اشارا ڏين ٿيون، انهن واقعن ۾ ڪجهه اهم واقعا هي آهن.

                 ڪابل ۾ ٺهيل نئين حڪومت ۾ طالبان کانسواءِ ٻين ڌرين کي نمائندگي ناهي ڏني وئي، جنهن جي شروع ۾ اميد رکي ٿي وئي.

                  عورتن جي باري ۾ طالبان جا سخت گير رويا سامهون اچي رهيا آهن.  عورتن جي جلوس تي بي رحماڻو تشدد ڪرڻ، کين راندين ۾ شرڪت کان روڪڻ ۽ کين نوڪرين تي واپس اچڻ کان روڪڻ جا واقعا پيش آيا آهن. عالمي برادري طالبان کان عورتن جي شهري ۽ انساني حقن بابت مطالبو ڪندي رهي آهي. شروع ۾ ان بابت طالبان قيادت ڪجهه هاڪاري اشارا ڏنا هئا پر اڳتي هلي  سخت گير موقف ڇانئجي ويو ۽ طالبان حڪومت ۾ ڪا به عورت وزير شامل نه ڪئي وئي.

                  افغانستان ۾ ميڊيا مٿان پابندي سخت ڪئي وئي ۽ حڪومت مخالف مظاهرن جي ڪوريج ڪندڙ صحافين کي طالبان غير انساني تشدد جي نشانو بنايو آهي.

 پاڪستان مٿان الزام هنيا ويا ته ان جا سپاهي پنج شير واري ويڙهه ۾ طالبان کي واهر فراهم ڪري رهيا آهن، اهڙا الزام طالبان جي ڪابل تي والار وقت به سامهون آيا هئا، انهن  الزامن  جا ڪي ٺوس ثبوت سامهون نه آيا پر هڪ  تاثر ٺاهيو پيو وڃي ته پاڪستان، افغانستان جي معاملن ۾ سڌو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

 پاڪستاني آءِ ايس آءِ جي سربراهه ڪابل جو دورو ڪيو، ان دوري جا  تفصيل ته سامهون نه آيا آهن، پر ظاهر آهي هاڻوڪي صورتحال ۾ اهو ڪو رواجي دورو نه هوندو.

آمريڪي سي آءِ اي جي سربراهه اسلام آباد ۾ فوج ۽ آءِ ايس آءِ جي سربراهن سان ملاقات ڪئي،جنهن جو موضوع افغانستان هو.

ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني ٻاهران وڏي  انگ ۾ ماڻهن مظاهرو ڪيو ۽ نعرا هنيا  ته پاڪستان، افغانستان مان نڪري وڃي.

ان وچ ۾ مختلف ذريعن وٽان خبرون اينديون رهيون ته بلوچستان جي مختلف لنگهن تان افغانستان مان غير قانوني لڏپلاڻ جو سلسلو هلندڙ آهي. جيتوڻيڪ سرڪار ان جي تصديق نه ٿي ڪري پر انهن خبرن کي مڪمل طور رد نه ٿو ڪري سگهجي. بلوچستان ۾ سرحدن تان کلئي عام ٿيندڙ ڪروڙين رپين جي اسمگلنگ جي به ڪير سرڪاري طور تصديق ناهي ڪندو پر سڀني کي ان بابت خبر آهي. هن وقت افغانستان ۾ جيڪا غير يقيني صورتحال آهي ان  ڪري ماڻهو افغانستان مان نڪرڻ لاءِ آتا آهن، انهن ۾ هڪڙا ته اهي آهن جن ڪابل، جلال آباد، ڪنڌار، هرات وغيره جهڙن وڏن شهرن ۾ گذريل هڪ ٻن ڏهاڪن دوران آزاد ماحول ۾ زندگي ڏٺي آهي يا گذريل حڪومت جي ڪنهن نه ڪنهن طرح حصو رهيا آهن.انهن کي اڳيان طالبان جي سخت گير انتهاپسندي واري حڪمراني سبب افغانستان ۾ زندگي گذارڻ ڏکيو ٿو نظر اچي يا وري کين ڪنهن مرحلي تي طالبان هٿان انتقام جو نشانو بنجڻ جو ڊپ آهي.  ٻيو وڏو انگ انهن ماڻهن جو آهي جيڪي شديدمعاشي بدحالي جو شڪار آهن.بين الاقوامي امداد ۽ واپار بند ٿيڻ  سبب افغانستان ۾ مارڪيٽ عملي طور فعال ناهي رهيو. بئنڪن جي ڏيتي ليتي عملي طور ٺپ ٿيل آهي. پرڏيهي ڪرنسي اڻ لڀ آهي، خوراڪ  ۽ دوائن جي گهربل مقدار ۾ رسد به نه پئي ٿئي. گڏيل قومن واري اداري جي هڪ رپورٽ موجب ته جيڪڏهن هي صورتحال برقرار رهي ته ملڪ جي 97 سيڪڙو آبادي غربت جي ليڪ کان هيٺ هلي ويندي.  روزگار جا وسيلا به موجود ناهن. ان سڄي گهوٽالي  واري صورتحال ۾ لکين افغاني پهرين پنهنجا علائقا ڇڏي ڪابل اچي رهيا هئا، اهي هاڻي  طالبان جي قبضي کان پوءِ مختلف سرحدي علائقن مان پاڪستان ڏانهن اچڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيا آهن. ان مقصد لاءِ گهڻي ڀاڱي بلوچستان جا لنگهه استعمال ڪرڻ جون خبرون سوشل ميڊيا تي عام آهن.پاڪستان جي اندروني صورتحال اها آهي ته افغانستان جي تازي صورتحال کانپوءِ دهشتگردي جا مختلف واقعا پيش آيا آهن ڪن واقعن بابت تحريڪ طالبان پاڪستان پاڻ ذميواري قبول ڪئي آهي ته ڪن بابت سرڪار ان جي ملوث هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پاڪستان سرڪار افغان طالبان حڪومت کان مطابلو ڪندي رهي آهي ته اها پاڪستاني طالبان کي ڪنٽرول ڪري. البته افغانستاني طالبان حڪومت  جو چوڻ آهي ته اهو پاڪستان جو اندروني سيڪيورٽي معاملو آهي، باقي افغانستان جي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏني ويندي. ان مان لڳي ٿو ته معاملو ڪافي مونجهاري جو شڪار آهي. ان سڄي صورتحال جا سنڌ تي ڪهڙا اثر پئجي سگهن ٿا؟  اهو بحث تمام اهم آهي.  هن وقت افغانستان جي صورتحال ۽ طالبان جي حڪمراني جي طريقي مان لڳي ٿو ته ايندڙ ڏينهن ۾ افغانستان ۾ تڪڙو استحڪام قائم نه ٿيندو ۽ ملڪ ۾ اندروني  ڏڦير جو به انديشو آهي. ان صورتحال جي نتيجي ۾افغانستان مان وڏي انگ ۾ ماڻهو قانوني توڙي غير قانوني طور پاڪستان اچي سگهن ٿا. اها ڳالهه تجربي مان ثابت ٿيل آهي ته جيترا به ماڻهو افغانستان مان نڪري پاڪستان ايندا انهن جو وڏو انگ روزگار لاءِ سنڌ ئي ايندو. جيڪي لکين افغاني 80 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان آيا انهن جي وڏي اڪثريت  هينئر به سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن  ۾ پکڙيل آهي. لکن جي انگ ۾ اڳواٽ موجود افغاني نون ايندڙ پناهگيرن جي ميزباني ڪرڻ ۾  پڪ سان خوش ٿيندا. حڪومت وٽ هينئر تائين افغانستان ۾ حالتون خراب ٿيڻ جي شروع ۾ ستايل افغانين کي ڪيمپن تائين محدود رکڻ واري ڪا تياري يا حڪمت عملي موجود ناهي. اهو به ممڪن آهي ته ڪنهن سياسي ضرورت يا مصلحت خاطر حڪومت ۾ فيصلا ڪندڙ ادارا پاڻ افغانين جي کلي ميزباني کي اوليت به ڏين.

 افغانستان ۾ طالبان جي اقتدار اچڻ کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ انتها پسند قوتن کي هٿي ملڻ جا اثر به سنڌ ۾ پوندا. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ انتهاپسندي خلاف عوامي سگهه اڄ به مئي ناهي پر ويجهڙ وارن سالن ۾ انتهاپسندي کي سماجي رويي طور سگهارو ڪرڻ لاءِ جيڪا سيڙپڪاري ۽ واهر ٿي آهي، اها هن ماحول ۾ وڌيڪ  سگهاري ٿيندي.  جيڪي قوتون سنڌ ۾ اتنهاپسندي جي اڀار لاءِ جاکوڙ ۾ آهن، تن انتهاپسندي اڳيان رنڊڪ بنجي سگهندڙ سمورين سياسي ۽ سول سوسائٽي ڌرين جي منظم طريقي سان رستا روڪ ڪري هٿ وٺي انتهاپسندي جي راهه سنئين ڪئي آهي. هاڻي جڏهن  اهي قوتون سگهاريون ٿينديون ته سنڌ جي سهپ ۽ رواداري جي ڪمزور ٿيندڙ سماجي قدرن کي ويتر ڌڪ رسندو.

ساڳي طرح سڄي ملڪ جيان سنڌ به انهن دهشتگردن جي نشاني تي اچي سگهي ٿي جيڪي هن نئين صورتحال ۾ دهشتگردي جي لهر پکيڙي رهيا آهن.هن خطي ۾ آمريڪا ۽ چين جي سرد جنگ ۾ به تيزي اچي سگهي ٿي. آمريڪا، افغانستان مان فوجون ڪڍڻ  کانپوءِ هن خطي ۾ هٿ ڪڍي ايتري آرام سان چين کي سگهارو ٿيڻ نه ڏيندو. پاڪستان ۾ جيئن ته سيپيڪ سبب چين جي تمام وڏي سيڙپڪاري ۽ علائقائي مفاد موجود آهن تنهن ڪري انهن کي ڪمزور  ڪرڻ لاءِ به هتي ماحول ٺاهيو ويندو. ويجهڙ ۾ داسو ۽ گوادر ۾ چينين کي نشانو بنائڻ وارا واقعا به ان جو حصو آهن.  جيتوڻيڪ چين  جي سيڙپڪاري جو تمام ٿورو حصو سنڌ ۾آهي، پر هن وڏي گيم ۾ چين کي ڪمزرو ڪرڻ واريون طاقتون سڄي ملڪ جيان سنڌ ۾ به اهڙيون ڪارروايون ڪري سگهن ٿيون.

ايئن افعانستان جي صورتحال جا اگرا اثر سنڌ تي پئجي سگهن ٿا، سنڌ حڪومت کي ان لاءِ هاڻي ئي اک پٽي ڪي اپاءُ وٺڻ جي ضرورت آهي.