سنڌ کي اپريل ۾ 43 سيڪڙو کوٽ سان پاڻي فراهمي جو فيصلو: چشما وٽان پاڻي ڳڻپ وارو سنڌ جو مطالبو رد

0
23
سنڌ کي اپريل ۾ 43 سيڪڙو کوٽ سان پاڻي فراهمي جو فيصلو: چشما وٽان پاڻي ڳڻپ وارو سنڌ جو مطالبو رد

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ارسا جي ايڊوائيزي ڪاميٽي پهريون ڀيرو سڄي خريف لاءِ پاڻي ورڇ ڪرڻ بجاءِ رڳو اپريل مهيني ۽ مئي جي هڪ هفتي تائين پاڻي ورڇ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، سنڌ ۽ پنجاب کي 43سيڪڙو کوٽ سان پاڻي ڏيڻ تي اتفاق، گرم موسم ۽ زمين پاران پاڻي چهڻ سبب خريف ۾ زيان 35 سيڪڙو ٿيڻ جي اڳڪٿي، سنڌ جو چشما بجاءِ گڊو بيراج وٽ پاڻي ڳڻڻ وارو مطالبو رد، ارسا جي ايڊوائيزي ڪاميٽي جو اجلاس ارسا چيئرمين  صاحبزاده محمد شبير جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر سوڌو چئني صوبن جي ميمبرن، آبپاشي سيڪريٽرين، واپڊا ۽ موسميات کاتي جي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ خريف سيزن دوران پاڻي جي موجودگي بابت ارسا جي ٽيڪنيڪل ڪاميٽي جي رپورٽ جو جائزو ورتو وتو. اجلاس ۾ پهرين اپريل کان شروع ٿيندڙ آڳاٽي خريف سيزن جي شروعاتي چاليهه ڏينهن لاءِ 43 سيڪڙو پاڻي کوٽ ڊڪليئر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. جڏهن ته سموري خريف سيزن لاءِ پاڻي جي ورڇ ڪرڻ بجاءِ ارسا جي ايڊوائيزي ڪاميٽي جو هر مهيني اجلاس طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ٻيو اجلاس مئي جي پهرين هفتي ۾ سڏايو ويندو، اجلاس ۾ واپڊا کي ڊيمن ۾ پاڻي جي صورتحال بهتر ڪرڻ ۽ پاڻي تي بجلي پيداوار کي ترجيح نه ڏيڻ جي هدايت ڪئي، اجلاس ۾ 91ع واري پاڻي ٺاهه کي ٻيهر نظر انداز ڪري خريف سيزن لاءِ ٽي رخي فارمولي تحت پاڻي ورڇ جي منظوري ڏني وئي، ارسا ٽي رخي فارمولي تحت پاڻي ورڇ جو فيصلو اڪثريت راءِ سان ڪيو، پنجاب ، ڪي پي، وفاقي نمائندي ٽي رخي فارمولي جي حق ۾ ووٽ ڏنو. جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان پاران ٽي رخي فارمولي جي مخالفت ڪئي وئي. هوڏانهن ارسا ترجمان پاران پورو خريف پلان جاري ڪرڻ بدران هڪ صفحي تي ٻڌل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس ۾ آڪٽوبر کان مارچ تائين ربيع سيزن دوران پاڻي جي فراهمي جو جائزو ورتو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ربيع سيزن دوران 18 سيڪڙو کوٽ رهي، جڏهن ته صلاحڪاري ڪاميٽي 16سيڪڙو کوٽ جي اڳڪٿي ڪئي هئي، اجلاس کي موسميات کاتي ٻڌايو ته اپريل ، مئي ، جون مهينن ۾ معمول کان گهٽ برساتون پونديون جڏهن ته گرمي پد  پڻ معمول کان وڌيڪ رهندو. سنڌو ۽ جهلم ندين جي ڪيچمينٽ ايرياز ۾ هيل سياري جي موسم ۾ 49.7 بدران 26.8 انچ برف باري رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا معمول ۾ پوندڙ برف جي  مقابلي ۾ 31 سيڪڙو گهٽ آھي، جنهن سبب رم اسٽيشنن تي وهڪرا معمول کان 31 سيڪڙو گهٽ آهن، ايڊوائيزي ڪاميٽي غير واضح موسمي حالتن ۽ موسميات کاتي پاران پيش ڪيل سمري کي سامهون رکندي رڳو اپريل مهيني ۽ مئي جي پهرين هفتي لاءِ 43 سيڪڙو کوٽ سان پاڻي جي فراهمي جي منظوري ڏني وئي.