ڪوئيٽا(م ڊ) سنڌ کانپوءِ بلوچستان سرڪار ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جي مخالفت جو اعلان ڪيو آهي. سنڌ جي آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شوري، بلوچستان جي آبپاشي واري وزير صادق عمراڻيءَ سان ڪوئيٽا ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران مختلف معاملن سميت ارسا ايڪٽ ۾ تجويز ڪيل امڪاني تجويزن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات بعد ڳالهائيندي صوبائي وزير صادق عمراڻي چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن جي سنڌ جيان بلوچستان سرڪار به مخالفت ڪري ٿي. هن چيو ته بلوچستان اسيمبليءَ مان به ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف ٺهراءُ منظور ڪرايو ويندو. ڄام خان شوري چيو ته ارسا جي هاڻوڪي سيٽ اپ ۾ ڪا به تبديلي ڪرڻ نه ڏني ويندي، ترميمون خطرناڪ آهن. صوبائي وزير چيو ته سنڌ کانپوءِ بلوچستان سرڪار به ترميمي ايڪٽ جي مخالفت ڪئي آهي