سنڌ پيپلز هائوسنگ دنيا جو سڀ کان وڏو رهائشي منصوبو آهي: بلاول

0
53
سنڌ پيپلز هائوسنگ دنيا جو سڀ کان وڏو رهائشي منصوبو آهي: بلاول
سنڌ پيپلز هائوسنگ دنيا جو سڀ کان وڏو رهائشي منصوبو آهي: بلاول

ڪوٽ غلام محمد(ن پ ا) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ڪوٽ غلام محمد جي ڳوٺ واگهريجي جي ڪولهي پاڙا، غلام مصطفيٰ لغاري ۽ شجاع آباد تعلقي  جي ڳوٺ کنڀڙي ۾ٻوڏ متاثر خاندانن ۾ سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيز پروگرام تحت تعمير ٿيل گهرن جا مالڪي سرٽيفڪيٽ ورهايا، ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير ثقافت سيد ذوالفقار علي شاهه، صوبائي وزير داخلا ضياءِ الحسن لنجار، ايم اين اي مير منور ٽالپر، سنڌ جي وڏي وزير جو صلاحڪار جنيد بلند، ايم پي اي حاجي نور احمد ڀرڳڙي، سهيل انور سيال، ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين مير انور ٽالپر، ڊويزنل ڪمشنر ميرپور خاص فيصل احمد عقيلي، ڊپٽي ڪمشنر ميرپور خاص ڊاڪٽر رشيد مسعود خان، ڊي آءِ جي پوليس زبير، ايس ايس پي ميرپور خاص ڊاڪٽر سمير نور چنا ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر ساڻس گڏ هئا. تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ سرڪار جي پيپلز هائوسنگ ڦار فلڊ افيڪٽيز  پروگرام تحت، سڄي سنڌ ۾ 20 لک کان وڌيڪ  خاندانن کي گهرن جا مالڪاڻا حق ڏنا پيا وڃن. هن منصوبي تحت، ٻوڏ متاثرين لاءِ گهر ٺاهيا پيا وڃن. جيڪو دنيا جو سڀ کان وڏو رهائشي منصوبو آهي، هن منصوبي جو مقصد غريب خاندانن کي معاشي طور تي مضبوط ڪرڻ آهي. هن منصوبي تحت، غريب خاندانن کي ٺهيل گهرن جي مالڪي جا حق ڏنا پيا وڃن ته جيئن اهي انهن کي پنهنجي نسلن تائين منتقل ڪري سگهن.