سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ پوليس ۾ سپاهين جي ڀرتي تي اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو، عدالت ڀرتين ۾ بي ضابطگين جي شڪايتن تي آرڊر ۽ مقررين تي پابندي لڳائي ڇڏي، سپاهي طور ڀرتي ايندڙ حڪم تائين سڄي سنڌ ۾ معطل رهندي، عدالت گهرو سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي نوابشاهه، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پيز کان جواب طلب ڪري ورتو، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي آئيني بينچ جي جسٽس ذوالفقار علي سانگي ۽ جسٽس نثار احمد داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي آئيني بينچ ۾ ڊويزن ۾ 70، 80، 90 کان وڌيڪ مارڪون کڻندڙ اميدوارن وڪيلن شبير شر، اطهر ابڙو ۽ ٻين معرفت درخواستون داخل ڪرايون هيون، درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ميرٽ جي لتاڙ ڪري 90 کان وڌيڪ مارڪون کڻندڙن کي به فيل ڄاڻائي 50 کان گهٽ نمبر کڻندڙن کي پاس ڪيو ويو آهي، ميرٽ بدران سياسي سفارش ۽ ايم اين ايز، ايم پي ايز جي لسٽ تحت ڀرتيون ڪيون ويون آهن، فزيڪل ۽ لکت واري ٽيسٽ ۾ گهٽ نمبرن سان پاس ٿيندڙ اميدوارن زباني ٽيسٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ نمبر حاصل ڪيا، فزيڪل ۽ لکت جي امتحانن ۾ سٺن نمبرن سان پاس ٿيندڙ اميدوارن جا نالا لسٽ ۾ موجود نه آهن، ايڊووڪيٽ شبير شر مطابق ڀرتين ۾ بي ضابطگين جون شڪايتون ملڻ ۽ ڪيتريون ئي درخواستون داخل ڪرڻ کان پوءِ عدالت سپاهين جي ڀرتي تي 5 مئي تائين اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي، عدالت آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد، ڊي آءِ جي سکر ۽ مختلف ضلعن جي ايس ايس پيز کي ايندڙ ٻڌڻي 8 اپريل تي پوليس ۾ سپاهين جي ڀرتيءَ جو رڪارڊ عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. واضح رهي ته سنڌ پوليس ۾ ڀرتي لاءِ لاڙڪاڻو، سکر، حيدرآباد، ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد رينج جي ڪامياب اميدوارن جي ميرٽ لسٽ جاري ڪئي وئي هئي جنهن ۾ 6 هزار کان وڌيڪ اميدوار ڪامياب ڄاڻايا ويا هئا.