ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد شاهه چيو آهي ته صوبي مان ڏوهارين جي خاتمي لاءِ پوليس کي جديد هٿيارن، گاڏين ۽ اوزارن سان ليس ڪيو ويوآهي، دهشتگردي جي ڪاررواين جي روڪٿام لاءِ نيشنل ريڊيو اينڊ ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪارپوريشن پاران سي ٽي ڊي ۾ 722 ملين جي لاڳت سان جديد ٽيڪنالاجي ۽ انفراسٽرڪچر سان ليس فيوزن سينٽر قائم ڪيو ويو آهي، ڪالهه فيوزن سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته فيوزن سينٽر سنڌ پوليس جي دهشتگردي خلاف صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ هڪ اهم قدم آهي، اهو سينٽر تمام اسٽيڪ هولڊرن جي آن لائين ۽ آف لائين ڊيٽا لاءِ مرڪز طور ڪم ڪندو، جنهن سان وقتائتي تجزئي، رابطن ۽ فيصلا وٺڻ ۾ آساني ٿيندي. سينٽر ذريعي سي ٽي ڊي معلومات جي ڏي وٺ کي بهتر بڻائي دهشتگردي جي ڪيسن جي سائنسي بنياد تي تحقيق ۽ ٻيا سرڪاري ڪم سرانجام ڏئي سگھندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت پوليس کي جديد تربيت، ٽرانسپورٽ جي فراهمي، بجيٽ ۾ واڌ ۽ ضروري سامان جي فراهمي ذريعي مضبوط ڪيو آهي. هاڻي صوبي جي عوام جي جان و مال ۽ شهري آزادين جو تحفظ ڪرڻ پوليس جي ذميواري آهي.