ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس جي 233 سب انسپيڪٽرن کي انسپيڪٽر جي عهدي تي ترقي ڏني وئي، 191 سب انسپيڪٽرن کي غير مشروط ترقي ڏني وئي آهي جڏهن ته 42 سب انسپيڪٽرن جي ترقي مشروط ڪئي وئي آهي. ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪميٽي پاران 345 سب انسپيڪٽرن جي نالن تي غور ڪيو ويو هو،  112 سب انسپيڪٽرن کي ڊپارٽمينٽل ڊسيپلينري ۽ ٻين معاملن جي ڪري پروموشن لاءِ نه چونڊيو ويو.