ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي ) سنڌ پوليس ۾ 2010ع کان 2016ع تائين ڀرتي ٿيل 139 جونيئر ڪلارڪن جي اهليت جاچڻ لاءِ امتحان وٺڻ جو فيصلو، ان ڏس ۾ اي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ سمورن ايڊيشنل آءِ جيز، ڊي آءِ جيز، پوليس اسپتال حيدرآباد جي ايم ايس ۽ سنڌ هائوس اسلام آباد جي ڊي ايس پي سيڪيورٽي کي خط لکي ڄاڻايو آهي ته 2010ع کان 2016 تائين 139 جونيئر ڪلارڪ ڀرتي ٿيا هئا، جيڪي هن وقت مختلف ضلعن، ريجنن ۽ يونٽن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، انهن کان 28 نومبر تي سي پي او ۾ اهليت جو امتحان ورتو ويندو. ذريعن موجب 2010 ع کان 2016 ع تائين ضابطن خلاف ڀرتيون ڪيون ويون هيون، مبينه رشوت وٺي جونيئر ڪلارڪ ڀرتي ڪيا ويا هئا، ان ڪري انهن کان ٻيهر اهليت جو امتحان ورتو ويندو، امتحانن ۾ فيل ٿيندڙن کي نوڪرين مان فارغ  ڪيو ويندو.