پاڻي زندگيءَ جي علامت آهي، جنهن جي اهميت انسانيت جي بقا لاءِ انتهائي ضروري آهي. درياهن جي ڪنارن تي تهذيبن جنم ورتو ۽ انسان جو معاشي، سماجي، ۽ ثقافتي وجود مضبوط ٿيو. افسوس جو مقام آهي ته اڄ جڏهن سڄي دنيا پاڻيءَ جي تحفظ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، پر اسان وٽ پاڻي ورڇ جو معاملو تڪراري بڻجي چڪو آهي، خاص طور تي سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾. 1991ع جو پاڻي ورڇ واري معاهدي باوجود، سنڌ کي پنهنجي جائز حصي جو پاڻي نه ڏنو پيو وڃي، موسمياتي تبديلي، پاڻيءَ جي غير منصفاڻي ورڇ، ۽ ناانصافين تي ٻڌل پاليسين سبب سنڌ جي زراعت، ماحول، ۽ عوام سنگين بحرانن جي ور چڙهي ويو آهن.
سنڌ جو باشعور ۽ سياسي اڳواڻ مسلسل اهو آواز بلند ڪندا رهيا آهن ته پنجاب طرفان پاڻيءَ جي ناجائز استعمال، هٺ ڌرمي، ۽ هڪ طرفي فائدي وٺڻ واري روش سبب سنڌ پنهنجن آبي حقن کان محروم ٿي رهي آهي. سنڌ جي زراعت تيزيءَ سان زوال پذير ٿي رهي آهي، جڏهن ته پاڻيءَ جي قلت سبب ماڻهن جا روزگار، خوراڪ جا ذريعا، ۽ مال مويشيءَ جا وسيلا به شديد متاثر ٿيا آهن. ڪجهه رپورٽن موجب سنڌ کي ان جي جائز حصي کان 30 سيڪڙو تائين گهٽ پاڻي ملي رهيو آهي، جيڪو زرعي معيشت لاءِ انتهائي خطرناڪ صورتحال پيدا ڪري رهيو آهي.
وفاقي حڪومت پاران گرين پاڪستان انيشيئٽو تحت چولستان جي ريگستاني علائقي ۾ نوان آبپاشي ڪئنال تعمير ڪرڻ جا منصوبا سامهون آيا آهن، جن جو مقصد پنجاب جي بنجر زمينن کي آباد ڪرڻ آهي. پر سنڌ هن تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي ته انهن منصوبن سان نه صرف سنڌ جي پاڻيءَ تي وڌيڪ ڌاڙو لڳندو، پر اهو 1991ع جي پاڻي ورڇ واري معاهدي جي سڌي ڀڃڪڙي به آهي. وڌيڪ افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته اهي وڏا منصوبا ڪنهن به ماحولي جائزي کان سواءِ شروع ڪيا پيا وڃن.
ماحولي جائزو، جنهن کي انگريزيءَ ۾ Environmental Impact Assessment (EIA) چيو وڃي ٿو، هڪ اهم سائنسي ۽ قانوني عمل آهي. ان ذريعي ڪنهن به ترقياتي يا آبي منصوبي يا ماحول، آبي حيات، زميني حالتن، ۽ مقامي برادرين تي پوندڙ اثرن جو تفصيلي تجزيو ڪيو ويندو آهي. EIA صرف فني گهرج ناهي، بلڪه اهو ان ڳالهه جي ضمانت آهي ته ڪا به اھڙي ترقي جيڪا ماحولياتي تباهيءَ نه ڪري ۽ جنھن سان پوري اِيڪو سسٽم متاثر نه ٿئي ۽ نه ئي ڌرتي تي رھندڙ جاندار کي ڪو نقصان ٿئي. جيڪڏهن EIA کان سواءِ ڪو منصوبو شروع ڪيو وڃي ته ان جا اثر انتهائي خطرناڪ ٿي سگهن ٿا – جيئن ته انڊس ڊيلٽا جي تباهي، کارو پاڻيءَ جيڪو زرعي زمينن کي جو بنجر بڻائي رھيو آھي، ۽ مڇي جي پيداوار سميت سڄو ماحولياتي توازن تباه ٿي رھي آھي. ماحولياتي ماھرن بار بار زور ڏنو آهي ته EIA کان سواءِ ڪنهن به نئين ڪئنال يا منصوبي جي اجازت ڏيڻ، نه رڳو وفاقي يڪجهتيءَ لاءِ خطرو آهي، پر اها هڪ ناانصافانه پاليسيءَ جو تسلسل پڻ آهي.
سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب صورتحال انتهائي نازڪ بڻجي چڪي آهي. فصل تباه ٿي رهيا آهن، مال مويشي جي لاءِ پاڻي اڻلڀ ٿي ويو آھي ۽ عام ماڻهو سخت معاشي بحران کي منهن ڏئي رهيو آھي. سنڌ جي لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو آبادي زراعت ۽ پاڻيءَ سان لاڳاپيل وسيلن تي ڀاڙي ٿي، ۽ پاڻيءَ جي اڻهوند سبب ڏڪار جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. انڊس ڊيلٽا، جيڪو ڪڏهن دنيا جي ٻيو نمبر وڏي ڊيلٽا طور سڃاتو ويندو هو، هاڻ تباهيءَ جي ڪناري تي پهچي چڪو آهي. مٺي پاڻيءَ جي گهٽتائي سبب سمنڊ روزانو 80 ايڪڙ زمين ڳڙڪائي رهيو آهي، تمر جا ٻيلا ختم ٿي ويا آهن، ۽ مقامي برادريون بدترين حالتن جو شڪار بڻجي ويون آهن.
سنڌ موسمياتي تبديليءَ جا سخت اثر ڀوڳي رهي آهي. گرميءَ جون لهرون، غير منظم برساتون، ۽ شهري ٻوڏ واريون حالتون وڌي رهيون آهن. ٿر ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ آهي، جڏهن ته وفاقي سطح تي غلط پاليسين ۽ ناانصافين جي ڪري صورتحال کي اڃا وڌيڪ ڳنڀير بڻائي ڇڏيو آهي. سنڌ لاءِ پاڻي رڳو وسيلو نه، پر زندگي ۽ موت جو سوال بڻجي ويو آهي. هتي عورتون، ٻار، بزرگ، ۽ هر طبقو احتجاج ڪري رهيو آهي، ڇو ته سندن روزگار، خوراڪ، ۽ صحت سڀ ڪجهه پاڻيءَ سان سڌو سنئون ڳنڍيل آهي.
ٻئي طرف، ملڪ جي سياسي صورتحال ۾ غير يقيني برقرار آهي. وفاقي حڪومت پاران سنڌ جي جائز خدشن کي نظرانداز ڪرڻ، ۽ سياسي ڌرين جو ڌيان عوامي مسئلن بدران ذاتي مفادن تي رکڻ، صرف ناانصافي جو اظهار نه، پر قومي يڪجهتيءَ لاءِ به هڪ سنجيده ڌڪ آهي.
سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ پاڻيءَ جي تڪرار جو مستقل حل ان وقت ممڪن ٿيندو، جڏهن وفاق 1991ع جي معاهدي تي مڪمل ايمانداريءَ سان عمل ڪندي. ڪنهن به نئين منصوبي تي ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ، سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي اعتماد ۾ وٺڻ، ماحولي جائزي کي لازمي قرار ڏيڻ، ۽ صوبائي حقن جو احترام ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. موسمياتي تبديليءَ جهڙي وڏي چئلينج کي صرف تعاون، انصاف، ۽ ماحول دوست پاليسين جي ذريعي ئي منهن ڏئي سگهجي ٿو. جيڪڏهن سنڌ جي آواز کي دٻايو ويو ته پاڻيءَ تي هلندڙ هي ويڙهه نه فقط وفاقي اتحاد لاءِ خطرو بڻجندي، پر ايندڙ نسلن کي به هڪ غير محفوظ مستقبل ڏانهن وٺي ويندي.